ڪاتر

ڪاتر

ڪاتر

ڪاتر (هٿيار): هي ڪاٺي مان ٺھيل شڪار جو هٿيار آهي. هي سنڌ جو قديم هٿيار آهي. هن هٿيار کي گهڻو ڪري تہ ٿر جا ڪولهي استعمال ڪندا آهن. ڪاتر تلوار وانگي وريل ڪاٺيءَ مان گهڙي ٺاهي ويندي آهي. ڪاتر آسٽريلين ائيروجينز، پگمي مسائي جي هٿيار (Boomerang) جهڙو آهي. ننگر پارڪر جي معرڪي ۾ روپلي ڪولهي ۽ سندس ساٿين انگريزن سان مھاڏو اٽڪائيندي ’ڪاتر‘ جو استعمال ڪيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو