ڪاتيار (ذات): ڪاتيار اصل ۾ سما قبيلي جي هڪ شاخ آهي جيڪا ڪورڪي ڌنڌي سبب ڪاتيار سڏجڻ ۾ آئي. ايئن ٻين بہ ڪن قبيلن جون نکون ڪاتيار سڏجڻ لڳيون ۽ زمانن کان ذات طور مشھور ٿيون. ڪتڻ واري ڪم سبب ڪاتار ۽ پوءِ ڪاتيار سڏيا ويا. ايس. صادق علي لکيو آهي ته، ڪاتيار ’مگسي‘، ’سما‘ ۽ ’ملاح‘ آهن. ٽنڊي آدم وارا ڪاتيار پاڻ کي ’بلوچ‘ سڏائين ٿا. ان مان معلوم ٿئي ٿو تہ سماٽ کانسواءِ بلوچن ۾ بہ ڪاتيار قبيلو آهي، جيڪو سماٽ ڪاتيارن کان الڳ آهي. ريٻاري قبيلي جي هڪ نک جو نالو پڻ ’ڪاتيار‘ آهي.