ڪاروءَ جو پٽ (ماڳ): ضلعي عمر ڪوٽ ۾ پٿوري کان اٽڪل 5-6 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف واري ايراضيءَ جو نالو ’ڪاروءَ جو پٽ‘ آهي، جيڪا هن وقت مختلف ديھن هر هڪ ڪارو، آريسر، سڻاڏي، ڀرڳڙي، ڇن قبول ۽ لنگڻي تي ٻڌل آهي. ڪارو ذات جو مھاڻو، ڪلهوڙا دور جو مشھور بھادر ۽ سخي انسان هو. هن پٽ جي ديھه لنگڻيءَ ۾ هڪ پراڻي وهڪري جي ڪناري تي، هڪ قديم شھر جا آثار ملن ٿا، جتي ’شو‘ جو مندر پڻ هو. ڄاڻايل کنڊرن ۾ قديم دور جي بزرگ اسماعيل شاھہ جي مزار آهي.