
ڪارونجهر
ڪارونجهر (جبل): ڪارونجهر جبل تعلقي ننگرپارڪر ضلعي ٿرپارڪر سنڌ ۾ واقع آهي ۽ سڄو جبل گرينائيٽ پٿرن (هڪ مضبوط ۽ مھانگو پٿر) جو وڏو خزانو آهي. ڪارونجهر لڳ ڀڳ 22 ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي. هي جبل جابلو سلسلي ۽ ڪڇ ۾ موجود ڪارن جبلن جي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. ان ڪري ڪارونجهر جو ڪجهہ ڀاڱو سنڌ ۾ ۽ گهڻو حصو هندستان ۾ آهي، پر جيترو زمين کان ٻاهر آهي ايترو ئي زمين اندر ٻڌايو وڃي ٿو. اندازي موجب ڪارونجهر جبل جي سڌ ۾ گولائيءَ کان پنجيتاليھہ ڪلو ميٽر جي وچ ۾ ٿيندي. هيءُ جبل شھر جي ڏکڻ-اولھه طرف آهي ۽ ان جي قدامت 2.5 ارب سال ڄاڻائي وئي آهي، يعني هيءَ جبل تمام گهڻو آڳاٽو آهي. مھاڀارت ۾ بہ هن جبل جو ذڪر آيو آهي. ڪارونجهر ۾ گوڙڌرو ۽ ڀٽياڻي نئيون، برساتي پاڻي کڻي پيٿاپُور جي رڻ ۾ وڃي ڇوڙ ڪنديون آهن.
قديم گرنٿ ’مھاڀارت‘ ۾ لکيل آهي ته، ’ڪوروَن جڏهن پانڊون کي 13 سالن لاءِ ديس نيڪالي ڏني تہ پانڊو ڪجهہ عرصي لاءِ ڪارونجهر ۾ اچي رهيا هئا.‘ هتي ڀيم تلاءُ ۽ ارجن ٻاڻ جا ماڳ مشھور آهن. ان کانسواءِ ڪارونجهر جبل ۾ پراڻا آستان جھڙوڪ: الک واؤ (لڪل کوھہ)، انچليشور/ آنچلاسر (چشمو)، گئو مکي، پنراج گڍ، چندن گڍ، ٻاين جو ٻيسڻو، جهرڻو ۽ ڀونئرو وغيرہ بہ آهن. ڪارونجهر ۾ ساڙڌري جو ميلو هر سال ڪارتڪ پورڻما ۽ شو راتڙيءَ تي لڳندو آهي. هن ميلي ۾ هزارين ياتري اچي ڀڄن ڀاؤ ڪندا آهن. ڪيترا ماڻهو پنھنجن پيارن جا سنک تارڻ ايندا آهن، جنھن عمل کي ‘تارڻو’ چئبو آهي. هتي ڪيترائي ياتري باسون پڻ باسيندا آهن.
ڪارونجهر جبل ننڍين ۽ وڏين ٽڪرين جو جابلو سلسلو آهي، جنھن جي وچ ۾ ماٿريون بہ آهن.
ڪارونجهر جو جابلو سلسلو ٽڪرين ۽ جبلن تي مشتمل آهي. هتان جا مستقل رهواسي جبل يا ٽڪريءَ کي جبل، ٽڪري، ڏونگري ۽ ٽئونڪ چوندا آهن.
ڪارونجهر جي سلسلي جي انهن سڀني ٽڪرين کي ملائي ڪارونجهر سڏيو ويندو آهي. وسڪاري ۾ جڏهن ڪارونجهر جي ماٿرين ۽ آسپاس جي علائقن ۾ برسات جو پاڻي نئن ۽ وهڪرن جي شڪل ۾ وهي هلندو آهي تہ هن علائقي جون اوڀاريون لھواريون چھچ سايون ۽ شاداب ٿي وينديون آهن. ڪارونجهر جي جبل تان وسڪاري جي لھندڙ پاڻيءَ سبب زيرزمين پاڻيءَ جي سطح بہ مٿي چڙهي ايندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو ڪارونجهر ۽ ان جي آسپاس جي سموري علائقي ۾ کوهن جو پاڻي پوري ٿر کان وڌيڪ مٺو آهي. ڪارونجهر جي هنج ۾ مارئي جو کوھہ بہ موجود آهي، جيڪو پڻ تاريخي ورثو آهي.
ڪارونجهر جبل ۾ ڏسڻ جھڙا 108 تيرٿ ۽ تاريخي ماڳ آهن، جيڪي وڌيڪ تحقيق طلب آهن، جن ۾ ساڙڌرو، گئومکي، انچليسر (هي تيرٿ مٿانھين جاءِ تي آهي، مٿي چڙهڻ لاءِ 99 ڏاڪڻيون آهن)، جهرڻو، ٻاين جو ٻيسڻو (هي هڪ ڳجهي غار آهي، جتي سوڍن انگريزن سان جنگ دوران پنھنجي عورتن ۽ ٻارن کي لڪائي رکيو هو )، ويلڙيو جو چشمو، تيرٿيو، انڌي جي ويري، انڌاريو اجواڙيو، کوڙي جهارو، ٻاڙ ڌڙو، کاروڙو، ماڏيوڙي، گنگا ٻاڻ، انڌاريو، سيل ماتا، چئو ويڙي ويري، تڪيو، چندن گڍ (سوڍن جي هن قلعي کي انگريزي فوجن توبن سان مسمار ڪري ڇڏيو هو)، ڀيم ڪن ۽ کارا جهارا چشمو وغيرہ وڌيڪ مشھور آهن. ڪارونجهر جبل لاءِ سنڌ جي سُورمي روپلي ڪولھي انگريز تروٽ سان مھاڏو اٽڪايو هو.
وسڪاري کانپوءِ هتي قسمين قسمين قيمتي جڙي ٻوٽيون ٻوٽا وغيرہ ڦٽن ٿا. ان کانسواءِ ڪارونجهر مان ماکي بہ وڏي مقدار ۾ حاصل ٿئي ٿي. اهڙي طرح ٻيون بہ ڪيتريون ئي شيون ملن ٿيون. جنھن ڪري چوڻي عام آهي تہ ”ڪارونجهر روزانو سوا سير سون پيدا ڪري ٿو.“ يعني ڪارونجهر جبل مان روزانو سوا سير سون جي قيمت جيتري مختلف شين جي پيداوار حاصل ٿئي ٿي.
ڪارونجهر جبل جا ماڳ: ڪارونجهر جبل جي عمر 2.5 ارب سال آھي. اوڙي پاڙي ۾ کيرٿر کان ابو پھاڙ تائين يا کنڀات کان ڪڇ، گجرات، راجستان تائين سڀني جي مرڪز ۾ آھي. ڪارونجهر جبل جي ٽڪرين تي ڪي قديم آثار موجود آهن. ڪارونجهر ۾ ڪجهہ دلچسپ غارون بہ آهن، جن ۾ هي غارون وڌيڪ چٽيون آهن.
انڌارو اجواڙو: ڪارونجهر جي سڀ کان مکيہ برساتي ندي، گوڙڌري واري واٽ ۾ موجود ڀيم سر ڍوري جي ڏکڻ اوڀر ۾ جبل جي ٻئي پاسي ھڪ غار 100 فوٽ کن ڊگهي آھي. هن غار کي انڌارو اجواڙو چون. ڇو تہ ان ۾ اوندھہ ۽ سوجهرو (روشني) آھي. غار ۾ اندرئين پاسي پاڻيءَ جو چشمو آھي. غار جو منھن ننڍو آھي. غار ۾ 20- 25 ماڻهو ويھي سگهن ٿا، سُمهي ڪونه سگهندا. غار جا ٻہ منھن آھن. ھڪ اولھہ طرف ۽ ٻيو اوڀر طرف. چشمو غار ۾ لڪل آھي.
پيپريو: ھن غار ۾ وڃڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. اھا 400 کان 500 فوٽ ڊگهي غار آھي. هن غار ۾ سنھڙي ڌار جيترو پاڻي ٽمندڙ آهي.
گوڙڌري جي غار: هيءَ غار 17 فوٽ اونھي، 70 فوٽ ويڪري آھي. دروازي وارو لنگهہ 20 فوٽ ۽ اوچائي گهٽ ۾ گهٽ 2 فوٽ ۽ وڌ ۾ وڌ 5 فوٽ اٿس. ھي غار آڳاٽي زماني ۾ انساني ھٿن سان ويڪري ڪيل آھي. ھتي ئي ست لڪي تلاءَ وٽ ھڪ قديم بند جا نشان آھن. ھن بند جي تعمير ۾ ڪارونجهر جي گرينائيٽ جا ٻہ اڍائي فوٽ ڦٽا (slabs) استعمال ٿيل آھن.
انچليسر غار: ھيءَ غار انچليسر چشمي جي پويان آھي، جنھن ۾ گهڙڻ جا ٻہ رستا آھن. ھڪ واٽ چشمي جي ٻئي ڀر پاڻيءَ کان ڏيڍ فوٽ مٿي ۽ ٻي واٽ سنھڙي ۽ اڇي آھي، جنھن مان ھيٺ لھجي ٿو. انچليسر، ننگرپارڪر شھر کان اتر اولھه ۾ آھي. ھيءُ تيرٿ آستان آھي. ھتي چڙهڻ لاءِ پٿرن جا ڏاڪا ٺاھيا ويا آھن. ھن غار ۾ 8-10 ماڻهو آرام سان ويھي سگهن ٿا. ڪاڪو ڀيرومل ’قديم سنڌ‘ ۾ لکي ٿو: ”انچليشور، مھاديو جي آستان کي چئبو آھي. ھن جو پاڻي ھندو پوتر سمجهندا آھن.“ غار کي ويجهو هڪ مسافرخانو پڻ موجود آھي.
گنگا ٻاڻ/ ارجن ٻاڻ: انچليسر جي اتر ۾ جبل جي ٻئي پاسي، انچليسر کان ٻہ سؤ فوٽ کن مٿي ھڪ غار پٿر جي ڇپ سان ڍڪيل آھي. ھن غار ۾ بہ ٻارھو ئي پاڻي وھي ٿو. غار ۾ اونداھي آھي. ھي غار مھاڀارت جي ھيرو ارجن سان منسوب آھي.
ڀنگ: ھي غار ڀٽياڻي نديءَ جي ڀر ۾ اتر طرف آھي. ھيءَ اونداھي ۽ ور وڪڙ واري غار آھي.
چندن گڊ واري غار: گئو مک کان فقط ھڪ فرلانگ کن پھرين کاٻي پاسي کان ھڪ غار آھي. پٿرن جي ھيٺان ھڪ ڏکيو منھن اٿس، جتي غار جو ڇيڙو اچي ٿو، اتان ھڪ ٻي غار مٿي نظر اچي ٿي. مٿين غار ۾ گهڻي اونداھي آھي. پھرين غار ۾ جهڪي ۽ ڪٻو ٿي اندر داخل ٿبو.
ڏک ڀڃڻ غار: ويلڙيو چشمي واري ھي غار گهر ٽياري نديءَ جي اولھہ ۾ آھي. ھي خطرناڪ غار آھي. هن غار ۾ داخل ٿيڻ، موت کي دعوت ڏيڻ برابر آھي.
ڀونئرو يا ڀڙو: ننگرپارڪر شھر جي اولھہ ۾، زمين اندر، جبل ۾، ھڪ تھه خانو آھي، جنھن کي غار بہ چئي سگهجي ٿو. مقامي طور روايت عام آهي تہ جڏھن اُتي سوڍن جو راڄ ھو، تہ ھو پنھنجو خزانو ۽ بارود انهيءَ تھه خاني ۾ لڪائي رکندا ھئا. اِھا بہ روايت آھي تہ تھه خانو، گوڙي مندر واري تھه خاني سان وڃي ڳنڍجي ٿو. ٻنهي جي وچ وارو فاصلو 26 ڪوھه آھي. انگريزن جڏھن ننگر شھر ٺڪرن کان کسيو تہ انهن تھه خاني جي کوٽائي ڪرائي، پر تھه خانو خاص نموني جو ٺھيل ھو ۽ انگريز ان جي تھه خاني تائين پھچي نہ سگهيا. ان کانسواءِ ڪجلا سر تلاءَ، ڀوڏيسر جي مسجد ۽ ڀوڏيسر جو تلاءَ بہ ڪارونجهر سلسلي جا يادگار آهن. ڪارونجهر نہ رڳو ٿر پر سڄيءَ سنڌ ۽ ان کان سواءِ مختلف ملڪن جي سياحن لاءِ تفريح گاھہ پڻ آهي. وسڪاري جي مُند ۾ هتي تمام گهڻا ماڻهو گهمڻ ايندا آهن.