
ڪارچوب
ڪارچوب: هي ڪاٺ جو ٻن گول ڪڙن تي مشتمل اوزار آهي، جيڪو هٿ تي زري، ڀرت ڀرڻ ۽ اڳٺ اُڻڻ لاءِ ڪم ايندو آهي. ڀرت ۽ زري واري ڪارچوپ ۾ ٻہ گول ڪڙا ٿيندا آهن، جن مان هڪ وڏو ۽ ٻيو ننڍو ٿئي، ننڍو فريم وڏي فريم جي بلڪل اندر مضبوطيءَ َسان بيھي. وڏي فريم تي ڀرت لاءِ مخصوص ڪيل ڪپڙو سنوت ۾ بيھاري ان مٿان ننڍو فريم رکي زور ڏيندا تہ ٻنھي فريمن جي گڏجڻ سان ڪپڙو وچ ۾ مضبوطيءَ سان بيھي ويندو. وڏي فريم کي ننڍي فريم مٿان سخت ڪري بيھارڻ لاءِ نٽ بلٽ لڳل هوندو آهي، جنھن کي بند ڪرڻ سان وڏو فريم ننڍي فريم تي ڪپڙي مٿان مضبوطيءَ سان بيھندو، جنھن بعد ڪاريگر سولائيءَ سان پنھنجي مرضيءَ جو ڀرت ڀري سگهندو. ڪارچوب جو ٻيو قسم ڪاٺ جي چوڪٺ جهڙو آهي، جيڪو اڪثر اڳٺ اُڻڻ لاءِ ڪتب ايندو آهي. جيتوڻيڪ اڳٺ اُڻڻ جا هاڻ ڪارخانا ايجاد ٿي چڪا آهن، پر سنڌ ۾ اڄ بہ خوبصورت اڳٺ ڪارچوپ تي اُڻيا ويندا آهن.