ڪاسائيءَ وارو لڪ

ڪاسائيءَ وارو لڪ (ماڳ): هي لڪ تعلقي مٺيءَ ۾ چيلهار کان چيلھه بند ڏانھن ويندڙ ڪچي رستي تي آهي. ٿر مان ڇيلن جا سوداگر ۽ شھرن کان آيل ڪاسائي مال ڪاهي روانا ٿيندا هئا تہ هن لڪ تي اچي ڊاٻو ڪندا هئا، ڇيلن لاءِ اتي واڙو بہ ٺھيل هوندو هو، ان ڪري هن لڪ تي ڪاسائين جي نسبت سان اِهو نالو پيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو