ڪاسٻو

ڪاسٻو (وسندي): هيءَ ضلعي ٿرپارڪر، تعلقي ننگر پارڪر ۾، ڪارونجهر جبل کان 12 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف هڪ خوبصورت، سرسبز ۽ آباد ڳوٺ آهي. ٿر جو هيءُ علائقو حُسن ۾ پنھنجو مَٽ پاڻ آهي. بئراجي علائقن ۾ ٿيندڙ سڀئي فصل هتي ٿين ٿا، جيتوڻيڪ هتي ڪو درياھہ، واھہ يا شاخ وغيرہ نہ آهي، پر زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ هتي جَر جو پاڻي استعمال ڪيو ويندو آهي. هتي مرچ ۽ بصر جو فصل تمام ڀلو ٿئي. هنن زمينن ۾ ڪمند ۽ سارين جو فصل ڪونه ٿئي. ڳوٺ ۾ 400 سالن جو قديم راما پير جو مندر آهي، جنھن جي نئين سر مرمت 1985ع ۾ ڪرائي وئي آهي.. هتي روزانو راڳ ٿيندو رهي ٿو. هن مندر تي هر مھيني ستسنگ پڻ ٿئي، جنھن ۾ ننگر پارڪر، اسلام ڪوٽ ۽ مٺيءَ تائين جا ڪيترائي ماڻهو شريڪ ٿين ٿا. هن جي ڀر پاسي ۾ ڪجهہ فاصلي تي ’شِوَ جو مندر‘ بہ آهي، جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ هيءُ 13 سؤ سال پراڻو آهي. هن ڳوٺ ۾ 13 سو سال پراڻو هڪ کوھہ بہ آهي، جنھن مان ماڻهو پاڻي پيئندا هئا.
هن وسنديءَ تي نالي پوڻ جي حوالي سان مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي تہ ان جو اصل نالو ’ڪاهوو‘ آهي، جو ماضيءَ ۾ هتان گهڻيون ڪاهون لنگهنديون هُيون، ان دور ۾ ننڍي کنڊ جي سمورن ماڻهن جي اچ وڃ ٿيندي هئي، ڏڪار جي حالت ۾ پري پري جا ماڻهو مال ڪاهي هتان کان گذري بئراجي علائقن ڏانھن ويندا هئا. ڪاسٻي وارو علائقو هڪڙو گس هو، جتان وڌ کان وڌ ڪاهون لنگهنديون هيون. پوءِ انھن مان ڪي ماڻهو هتي ڳوٺ ٻڌي ويھي رهيا، جيڪو پوءِ ’ڪاھہ ڪاهيندڙن جو ڳوٺ‘ سڏجڻ لڳو، جيڪو ڦري ٿيو ’ڪاهوو‘ ۽ پوءِ وري ’ڪاسٻو‘. هاڻي هن کي ڪاسٻو ئي سڏيو ۽ لکيو وڃي ٿو. هتان جي ماڻهن جي رهڻي ڪھڻي سادگي واري آهي. هتي ميگهواڙ ذات جي اڪثريت آهي. ان کانسواءِ ٻيون بہ ذاتيون آباد آهن. هن ڳوٺ ۾ ٻہ وڏا مندر آهن. هتان جي ماڻهن جي رهڻي ڪھڻي ٿر جي ٻين ماڻهن وانگر انتھائي سادگي واري آهي ۽ سندن لباس بہ ٿر جي ٻين ماڻهن وارو ساڳيو آهي. هتان جي موسم خوشگوار آهي ۽ هتي برساتون آڳاٽيون پونديون آهن، جنھن ڪري هتان جو فصل بہ آڳاٽو ٿئي. جيئن تہ هيءُ سڄو علائقو حسين منظرن سان جهنجهيل آهي، ان ڪري ئي شايد هتي مور وڏي تعداد ۾ موجود آهن. گهرن ۾ مور ائين پيا گهمندا آهن، ڄڻ مور بہ انھن گهرن جا ڀاتي هجن. هن علائقي کي گهڻا ماڻهو مورن جو ديس بہ چوندا آهن.


لفظ ڪاسٻوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو