سومرو ڪاشف حسين

سومرو ڪاشف حسين

ڪاشف حسين سومرو

ڪاشف حسين سومرو: ڪاشف حسين ولد عبدالجبار ’عبد‘ سومرو، 25 مارچ 1982ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. ايم. اي (اردو) ۽ ايم. ايڊ ڪيائين. شروع ۾ واپڊا ۾ ميٽر ريڊر ۽ بعد ۾ پوليس ڪانسٽيبل رهيو، آگسٽ 2009ع ۾ اردوءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جيڪب آباد ۾ پنھنجا فرائض سرانجام ڏنائين. 2004ع ۾ ’پاڪستان رائيٽرس پوائنٽ‘ پاران ڪرايل اردو ڪھاڻي نويسيءَ جي مقابلي ۾ پاڪستان ۾ پھريون نمبر کنيائين. سندس شاعري ۽ تحقيقي مضمون سنڌي ۽ اردو جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: ’فاتح سنڌ- غازي محمد بن قاسم‘، ’سنڌ جو سرواڻ مولانا عبدالڪريم قريشي‘ (شريڪ ليکڪ)، ’سوانح حيات حضرت مخدوم قريشي سھروردي'>شاھہ عثمان قريشي سھروردي‘ (اردو) شامل آهن. هن شڪارپور مان پنھنجي ادارت هيٺ اردو اخبار ’ادب نامہ‘ بہ جاري ڪئي. ’مھراڻ ادبي سنگت شڪارپور‘ جو جنرل سيڪريٽري ۽ ’پاڪستان رائٽرس گلڊ‘ جو صوبائي صدر بہ رهيو. هن 7 جون 2012ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1982.03.25  عيسوي

ڪاشف حسين ولد عبدالجبار ’عبد‘ سومرو، 25 مارچ 1982ع تي شڪارپور ۾ ڄائو.


2012.06.07  عيسوي

ڪاشف حسين سومري، 7 جون 2012ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سڪينه عتيق الزمان
حيدر بخش عزيز گوپانگ
الطاف جوکيو ڊاڪٽر
پنجواڻي رام پروفيسر
عبدالرزاق قريشي
ريٽا شھاڻي
سيد محسن علي شاھہ بخاري
شيخ محمد اسماعيل
پريتم ورياڻي
ڪمال ڄامڙو ڊاڪٽر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون