ڪاشي

ڪاشي

ڪاشيءَ جا ٿانوَ

ڪاشيءَ جا ٿانوَ

ڪاشيءَ تي گل ڻوٽا چٽڻ جو طريقو

ڪاشيءَ تي گل ڻوٽا چٽڻ جو طريقو

ڪاشي هنر

ڪاشي (هنر): سنڌ ۾ ڪاشيءَ جي هنر کي خاص اهميت حاصل آهي. ڪاشيءَ جا ٿانوَ موهن جي دڙي (2350ق. م) مان بہ مليا آهن. هي لفظ ’ڪچ‘ مان نڪتو آهي، جنھن جي معنيٰ آهي شيشو ۽ شيشي جهڙو لسڙو مٿاڇرو ٺاهيندڙ کي ڪاشيگر چئبو آهي.
ڪاشيءَ جا سھڻا ساساني ٿانوَ ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان بہ مليا آهن. اهڙي طرح ڪاشيءَ وارا ٿانو سومرا دور جي ڦٽل ماڳن (دڙن) مان پڻ مليا آهن. جن جا نمونا سنڌ جي مختلف عجائب گهرن ۾ ڏسي سگهجن ٿا. انھن ٿانون تي چين ۽ ايران واري نفاست بجاءِ ساديون جاميٽريائي ڊزائنون آهن، جيڪو سنڌ جي ڪاشيءَ جو ديسي هنر آهي. سومرن جي دور ۾ ڪاشيءَ جا رڳو ننڍڙا گهريلو ٿانوَ هئا، اڄ تائين انهي دؤر جو ڪو وڏو ٿانءُ نہ لڌو آهي، پر تيرهين ۽ چوڏهين صدي عيسويءَ ۾ اڇي تر تي نيري ڪاشي کوڙ لڌي آهي. سنڌ عجائب گهر، حيدرآباد ۾ رکيل انهيءَ دؤر جي هڪڙي ڪاشيءَ جي چوڪي واري سِرَ، سنڌ ۾ ڪاشيءَ جي چوڪين سرن جي شروعات جو پتو ڏئي ٿي.
ڪاشيءَ جو ڪم ذري گهٽ ڪنڀارڪي ڪم جهڙو آهي. ڪاشيگر پھريائين سُٺي چيڪي مٽي ڳولي هٿ ڪندو آهي، پوءِ ان کي ڪُٽي ڀڃي ڀوري ميدي جهڙي ڪري پُسائي ڳوهي، چاڻا يا پنوڙا ٺاهيندو آهي. اهي پنوڙا چڪ تي چاڙهي جهڙي قسم جو ٿانءُ يا برتن گهربل هوندو آهي، چڪ ڦيرائي تيار ڪري وٺندو آهي. فقط سرون، ڪتبا، ڪارب (قالب) ۾ وجهي ٺاهيندو آهي. سُڪڻ کان پوءِ انهن تي رنگ چاڙهيندو ۽ چٽ ڪڍندو، مٿان هڪ لاک جهڙي مسالي جو پٿو يا هٿ ڏيئي، ٿانءَ کوريءَ ۾ پچڻ لاءِ وجهندو. ٽن ڏينھن کان پوءِ کوري کولي تمام سھڻا سھڻا ڪاشيءَ جا پيالا، ڪوپ، ساسرون، گهگهيون، گلدان، طباخ، پاٽيون، سرون، مصلا، نيلون، رانديڪا، ٿپڻا، صندليون، ڪونڊا، جمنيون، دلا، دکيون ۽ ٻيو سامان ڪڍندو آهي، جيڪي ڏور مُلڪن تائين وڃي وڪامندا آهن. ارڙهين صديءَ تائين نصرپور ۽ ٺٽي ۾ ڪاشيءَ جو ڪم گهڻو ٿيندو هو. ٺٽي ۾ اڄ بہ هڪ پراڻي محلي جو نالو ئي ڪاشيگر محلو آهي. ڪاشيءَ جو ڪم نصرپور، هالا، سيوهڻ ۽ بُلڙي شاھہ ڪريم سميت ٻين ڪيترن ئي شھرن ۾ ٿئي ٿو. ڪاشيءَ جي تيار ٿيل ڪابہ شيءِ تمام گهڻن فني مرحلن مان گذري ٿي، جنھن جو تفصيل هن ريت آهي:
ڪاشيءَ جي استعمال ٿيندڙ مِٽي: مٽي صاف ۽ چيڪي، جيڪا گهڻوڪري زمين جي هيٺين تھه مان يا درياھہ جي پيٽ مان بنا واريءَ جي ڪڍي ويندي آهي. مٽيءَ جي تياري تمام اهم مرحلو آهي. سڪي مٽي ڪُٽي سنھي ڪري، ڇاڻيءَ سان ڇاڻجي ٿي. جيئن ان ۾ سنھڙا ذرا، ڌار يا ڪوڏيءَ جا ذرڙا نڪري وڃن. ڇاڻيل مٽيءَ کي تيار ڪيل ڪچي کڏي يا سرن سان ٺھيل هوديءَ ۾ ڀڄائي رکبو آهي. سٺي نتيجي وٺڻ لاءِ ٽي هوديون جدا جدا ليول تي ٺاهجن ٿيون تہ جيئن هڪڙو پاڻي ملائي اهو ڪڍجي، وري ٻيو پاڻي وجهي ڪڍجي. ساڳيءَ طرح ٽيون ڀيرو پاڻي مان ڪڍجي. اهڙيءَ طرح ڪلر يا لوڻ وارا جزا پاڻيءَ سان ملي نڪري وڃن ٿا. ٻن ڏينھن کانپوءِ اها آلي مٽي ڪڍي ان کي سخت محنت سان ڳوهجي ٿو. پھريائين هڪ ٻوري مٽيءَ کي گهٽ ۾ گهٽ ڪلاڪ پورو لتاڙجي ٿو. پوءِ هٿن سان سير سير مٽي جا چاڻا ٺاهي، هر هڪ چاڻي کي هٿ جي تريءَ سان ذرو ذرو ڪري مھٽي ۽ گڏ ڪري هڪ هنڌ رکبو آهي. ڳوهيل مٽيءَ کي هوا کان بچائڻ لاءِ پلاسٽڪ، ٻوري يا رليءَ سان ويڙهي محفوظ رکيو ويندو آهي.
ٿانوَ ٺاهڻ: هن مرحلي ۾ تيار ڪيل مٽيءَ کي پير توڙي موٽر سان هلندڙ چڪ تي چاڻو رکي هٿن ۽ پاڻيءَ جي زور تي گهربل سائيز ۽ ڊيزائين جا ٿانءُ تيار ڪيا ويندا آهن. پليٽن يا ٻين تراکڙن ٿانون جي تياريءَ لاءِ اڳواٽ ٺھيل سانچن جي مدد ورتي ويندي آهي.
سٺا ۽ نفيس ٿانءُ ٺاهڻ لاءِ اڳ ۾ پلسٽر آف پئرس جا سانچا گهڙي انهن ۾ پاڻيٺ جهڙي مٽي وجهبي آهي، جيڪا خشڪ ٿيڻ کان پوءِ گهربل ٿانون جي شڪل اختيار ڪري ويندي آهي.
سانچا تيار ڪرڻ: گهربل شيءَ جا هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ننگ تيار ڪرڻ لاءِ پلسٽر آف پئرس جا ڪيترائي نمونا ٺاهيا وڃن ٿا. جنھن لاءِ سانچن جي ضرورت هوندي آهي. سانچي ٺاهڻ لاءِ پھريائين گهربل شيءِ آلي مٽيءَ مان تيار ڪبي آهي، جهڙيءَ طرح هڪ ٽائيل ٺاهي ان ۾ گلن ٻوٽن جي ڪٽائي ڪري هڪ نمونو ٺاهيو ويندو آهي. پوءِ ان جي چوڌاري مٽي يا ڪاٺيءَ جون ڀتيون ڏيئي پلسٽر آف پئرس کي پاڻي ملائي پترو ڪري ان ۾ وجهبو آهي. ڪجهہ وقت کان پوءِ اهو سڪي ٺوٺ ٿي وڃي ٿو. اهڙيءَ مختلف ٿانوَ، ٽائيل ۽ نمائش جون شيون تيار ڪيون وڃن ٿيون.
اَستر ڏيڻ (Base coat): مٽيءَ پچڻ کان پوءِ ڳاڙهاڻ مائل ٿئي ٿي. ان ڪري سٺي گلڪاريءَ لاءِ پھريائين ان کي رنگ تبديل ڪرڻ لاءِ استر چاڙهبو آهي. جنھن سان ٿانءُ پچڻ کانپوءِ ڳاڙهاڻ مائل ناسي ۽ چمڪدار ٿي پوندا آهن، جيڪي پائيدار ۽ مضبوط هوندا آهن ۽ انھن جي چمڪ لھي نہ سگهندي آهي.
گل ٻوٽا چٽڻ جو طريقو: ڪاشيءَ جي ڪم ۾ نيري ۽ فيروزي رنگ جي گهڻي اهميت آهي. ڪاشي عام طرح چوندا ئي ان نيري رنگ جي گلڪاريءَ کي آهن. ان جو واحد سبب نيري رنگ ۾ موجود Cobalt Oxide آهي، جنھن کي عام زبان ۾ لاجونت چيو ويندو آهي. اهو اهڙو تہ پڪو رنگ ٿئي ٿو، جو ڪو بہ رنگ هن مٿان چڙهي نٿو سگهي، پر هي سڀني رنگن مٿان چڙهيو وڃي. هي پائوڊر جي صورت ۾ ملندو آهي، جيڪو ڏسڻ ۾ ڪارو هوندو آهي. چٽ ٺاهڻ کان اڳ ان کي پٿر جي روهيءَ ۾ سرمي وانگر پيھبو آهي، جيترو وڌيڪ پيھبو اوترو چٽن ۾ سٺو ۽ پچڻ کانپوءِ نتيجي ۾ اعليٰ ٿئي ٿو. هن رنگ ۾ اڇي کڙي ملائي ان جو مقدار پڻ وڌائبو آهي. هن سان گهڻي ڀاڱي اڇي استر يعني ڳاريءَ واري استر تي چٽ ڪڍبا آهن.
گليز يا چمڪ Glaze)): استر ڏئي چٽسالي ڪيل ٿانون/ شين تي آخر ۾ گليز يا چمڪ چاڙهبي آهي، يعني شيشي جو تھه، جيڪو اصل ۾ ڪاريگري يا ڪاشي آهي. گليز تيار ڪرڻ لاءِ سندور (Red Lead)، ڪنگڻ کار ۽ ڪٽيل شيشو ملائي ڪچي ٺڪر ۾ وجهي بٺيءَ ۾ پچائبو آهي. پچڻ کان پوءِ اهو شيشي وانگر ٽڪي ٺھي پوندو آهي، جنھن کي وري ٻيھر ڪٽي ڪپڙ ڇاڻ ڪري برتن جي مٿان تھه چاڙهبو آهي.
مختلف گليز مختلف وزن ۽ رنگن لاءِ تيار ٿيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن سندور جي جاءِ تي عام سوڍا کار پڻ استعمال ڪئي ويندي آهي. وڌيڪ سٺي ۽ اڇي گليز تيار ڪرڻ لاءِ هلڪي اڇي رنگ جي چمڪدار معدني شيءِ (Antimony) بہ ملائبي آهي.
تيار ٿيل گليز کي باريڪ پيھڻو پوي ٿو، وڏن ڪارخانن ۾ ان کي وري (Ball mill) يا پٿرن واري پيھڻ جي مشين ذريعي پاڻي ملائي پيھبو آهي. هالا ۾ هن کي ڪپڙن مان ڇاڻي، ان پائوڊر ۾ ڪجهہ ميدي جي لئيءَ سان اٽي وانگر ڳوهي پوءِ پاڻي ملائي بلڪل پاڻيٺ تيار ڪبي آهي، جيڪا پاڻيٺ لڳل برتن مٿان هڪ سنھڙي تھه وانگر چاڙهي ڇڏبي آهي.
بٺيءَ ۾ پچائڻ: هن آخري مرحلي ۾ گليز چڙهيل برتن يا ٽائيل کي بٺيءَ ۾ وجهبو. باھہ ڏيڻ سان اهو گليز رجي برتن ۾ جذب ٿي کيس پڪو ڪري چٽيل گل جي رنگين حالت ۾ ظاهر ٿيندو آهي.
سنڌ ۾ اڪثر بٺيون پراڻي رواج مطابق ڪچين سرن جي گول قبي نما ٺھيل آهن. باھہ ڏيڻ لاءِ هيٺيان کان تجر، ڇٽ يا قبر نما جڳھه هوندي آهي، جنھن جي مٿان هڪ گول يا ڪچين سرن جو ونگ وريل ٿئي ٿو. تري ۾ 2 فوٽ قطر جو سوراخ ٿئي، جتان باھہ مٿي چڙهي. ڇت وٽ بہ 2 فوٽ قطر جو سوراخ ٿئي ٿو، جيڪو پچائڻ وقت بند ڪبو آهي. اهو ٿانون رکڻ يا ڪڍڻ جي ڪم اچي ٿو. مٿين ڇت واري حصي ۾ دونھون نڪرڻ لاءِ ننڍا ننڍا چار يا پنج سوراخ هوندا آهن، جيڪي شروعاتي باھہ ۾ کليل ۽ آخر ۾ بند ڪجن ٿا.
کورو ڀرڻ بہ هڪ ڪاريگر جو ڪم آهي. هڪ ئي وقت سڀ ننڍا وڏا ٿانوَ سٿي رکبا آهن. ڪوبه ٿانءُ هڪ ٻئي سان يا تري سان لڳڻ يا ڇھڻ نہ کپي، نہ تہ گليز سبب هڪ ٻئي سان ڳنڍجي خراب ٿي ويندا. ان ڪري هر هڪ برتن کي هڪٻي کان الڳ ڪرڻ لاءِ اڳواٽ اهي مٽيءَ جون گهوڙيون ٺھيل هونديون آهن، جنھن تي هڪ ٻئي مٿان رکي برتن سٿبا آهن، سرن جي سٿي اڀي هڪ ٻئي سان ملائي ائين رکبي آهي، جيئن گهڻي ۾ گهڻو مال اچي ۽ زيان بہ نہ ٿئي.
باھہ آهستي آهستي شروع ڪبي آهي، جيڪا ٽن ڪلاڪن کان پوءِ وڌائبي وڃبي آهي ۽ ساڳيءَ طرح تيز باھہ جي دور کانپوءِ وري آهستي آهستي باھہ گهٽائبي آهي. اهڙيءَ طرح گهٽ ۾ گهٽ 8 کان 12 ڪلاڪن ۾ بٺي پچي راس ٿيندي آهي. ان کان پوءِ مٿيون سوراخ آهستي آهستي کولي وري ايترو ئي وقت بٺيءَ کي ٺرڻ ڏبو آهي، جيئن کوريءَ اندر ٿانو پچي راس ٿيڻ کان پوءِ ٺري پڪو ٿي وڃي.
ڪاشيءَ جا وکر: ڪاشيءَ جي هنر ۾ ٽامون، بليڪ ڪاپر آڪسائيڊ يا ڪاپر ڪاربونيٽ شامل آهن. هڪ کان ڇھه سيڪڙو ٽامون گڏائڻ سان وري ڌار رنگ ٺھندا آ هن.
اڌ کان اڍائي سيڪڙو ڪوبالٽ بہ ڪتب آڻبو آهي. ان سان ڪاشيءَ ۾ نيراڻ پيدا ٿيندي آهي. اهڙي طرح لوھہ، فيرس آڪسائيڊ (FeO) ۽ فيرڪ آڪسائيڊ (F2O3) جي شڪل ۾ ڪم آڻبو آهي. پھرئين سان ڪارو ۽ ٻئي سان ڳاڙهو رنگ چڙهندو آهي. فيرس آڪسائيڊ ٻين ڳارن ۾ پنج کان ڏھہ سيڪڙو گڏائڻ سان بادامي ۽ ڦِڪو ۽ گهڻي شيھي واري ڪاشيءَ ۾ اٺ سيڪڙو ملائڻ سان گهاٽو ڳاڙهو رنگ ٺاهيندو آهي. پنج کا ڏھہ سيڪڙو مينگنيز، مينگنيز ڊاءِ آڪسائيڊ (MnO2) ۽ مينگنيز ڪاربونيٽ (MnCO3) جي شڪل ۾ ملائڻ سان عنابي ناسي رنگ جي ڪاشي ٺھندي آهي. لوڻياٺي ڪاشيءَ ۾ مينگنيز ملائڻ سان واڱڻاڻي رنگ ٺھندو آهي. ٽي کان ڇھه سيڪڙو اينٽيمني آڪسائيڊ گڏائڻ سان ڦڪو رنگ ۽ ڏھہ سيڪڙو ٽن آڪسائيڊ گڏائڻ سان ڌنڌلو اڇو تر ٺھندو آهي.
آڪسائيڊمرڪب گهڻو ڪري هڪ کان پنج سيڪڙو گهٽ رکبا آهن. بنيادي عنصر عام طور اڇو يا ڳاڙهو شيھو هوندو آهي. ٻيو Agate (روهيءَ وارو پٿر) آهي. هي بہ سنڌ ۾ عام ٿيندو آهي. ٽامي، قلعي ۽ جست جا مرڪب بہ گهٽ وڌ ڪري ڪتب آڻبا آهن.
سرن تي گلڪاري: قديم آثارن جي پارکن: هينري ڪزنس ۽ ڀنڊارڪر کي ڪاهوءَ جي دڙي (ميرپور خاص لڳ) ۽ سڏيرڻ جي ٺلھہ (سعيدپور لڳ) ٻنهي هنڌان ٻُڌ جي مورتين ۽ جاميٽريائي ڊزائنن واريون فرش جون سرون وڏي انگ ۾ هٿ آيون هيون، هي سرون قالب سان وڌيون ويون هيون ۽ سر جي کپ ۾ نشاني ٺھيل آهي. سومرا دور جي دڙن مان ويجهن ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهن کي ڪيتريون ئي سرون لڌيون آهن، جن تي ڏاڍا منجهيل قسمن جا چٽ نڪتل آهن.
سبتي پاسي تي چٽن وارين سرن کانسواءِ ڪنگرن واريون ڪاشيءَ جون سرون بہ لڌيون آهن. اهڙي ڪنگرن واري هڪڙي سر موهن جي دڙي مان بہ لڌي هئي. هي سرون پڪين ڇتين ۽ ٻاهرين ڀتين ۾ استعمال ٿيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو