ڪافرن جون قبرون

ڪافرن جون قبرون (ماڳ): هي نئين پاهڻي دؤر ۾ وڏن پٿرن سان مخصوص انداز سان ٺاهيل قبرون آهن. ان دور ۾ وڏن پٿرن کي اُڀو بيھاري انهن جي مٿان اهڙي ئي ڪنھن تمام وڏي پٿر جي ڇت ڏئي هڪ ڪوٺي ٺاهي ويندي هئي جنھن ۾ مڙدا پوريا ويندا هئا. اهڙيون اڏاوتون دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مليون آهن. ڊولمن جو عرصو 2500 ق. م ڪٿيو ويو آهي. هنن قبرن بابت سيد حاڪم علي شاھہ بخاريءَ جي لکيل ڪتاب ’وادي ملير‘ ۾ بہ لکيل آهي: ”پاڪستان جي قديم آثارن واري کاتي 1975ع ۾ انهن قبرن جي کوٽائيءَ جو ڪم ڪيو.“
ڪيپٽن ميڊوز ٽيلر لکي ٿو ته، ڪراچيءَ کان 32 ڪلو ميٽر پري اتر اوڀر ۾ واقع ڳوٺ مراد ميمڻ کان ڇھه ميل اڳتي اتر اوڀر ۾ ڳوٺ الھه ڏنو (جيڪو سنڌو تھذيب جو ماڳ آهي) کان ٿورڙي پنڌ تي اڻ گهڙيل پٿرن سان ٻڌل قبرون، جيڪي ساڍا پنج فوٽ ڊگهيون ۽ ساڍا ٽي فوٽ ويڪريون آهن. انهن پٿرن جي ٿولھہ (آثار) ستن کان ڏھہ انچ آهي ۽ اهي پٿر پنھنجي مجموعي ڊيگهہ کان اٽڪل اڌ واريءَ ۾ کتل آهن ۽ انهن قبرن ۾ ڪو سوراخ ڪونهي. مقامي ماڻهو انهن کي ڪافرن جون قبرون چون ٿا. ڪوهستان واري علائقي ۾ اهڙيون پراڻيون قبرون لڪيءَ وارن چشمن جي ڀرسان ملن ٿيون. اهي پٿر مان جڙيل آهن ۽ مٿن خوبصورت چٽسالي ٿيل آهي. 15 کان 20 فوٽ ڊگهيون، 8 کان 9 فوٽ ويڪريون ۽ اٽڪل ٻہ فوٽ اوچيون آهن. اهڙيون قبرون ڪراچيءَ جي منگهي پير جي پريان شاھہ بلاول واري واٽ تان ۽ ڪوٽڙيءَ کان ڦري سيوهڻ ڏانھن ويندڙ رستي تان بہ لڌيون ويون آهن. سر بارٽل فريئر انهن قبرن جو بيان رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي جرنل ۾ ڇپايو هو.


لفظ ڪافرن جون قبرونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو