ڪافر بَند

ڪافر بَند (ماڳ): هيءُ ماڳ سيوهڻ لڳ جهانگارن کان 8 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. سيوهڻ جي ويجهو باجارا ۽ جهانگارا ٻہ ڳوٺ آهن. اهي ٻئي تمام قديم آباديون آهن. انهن ٻنهي ڳوٺن جي ڀرسان ’ٻنڌڙي‘ نالي هڪ نئن وهي اچي منڇر ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ٻنڌڻي نئن جهانگارن کان اٺ ميل کن پري جبل مان نڪري ٿي. انهيءَ جبل جي ٻيڪڙ ۾ نئن جي Catchment Area آهي. انهيءَ هنڌ پاڻيءَ کي بند ڪرڻ لاءِ هڪ قديم بند جا نشان ملن ٿا. بند جي نشانن مان معلوم ٿئي ٿو تہ اهو بند اٽڪل ساڍا ٽي ميل ڊگهو هو. بند جو جيڪو حصو هن وقت بيٺو آهي، ان جي هن وقت اوچائي 23 - 22 فوٽ آهي. ٿي سگهي ٿو، ان زماني ۾ ان جي اوچائي اڃا بہ وڌيڪ هجي. بند نھايت ڪاريگريءَ ۽ مضبوطيءَ سان ٻڌل آهي. پٿر جي اوساريءَ سان خانا ٺاهي، انھن ۾ بجري ڀري وئي آهي. معلوم ٿئي ٿو تہ هن بند جي ذريعي نئن جي پاڻيءَ کي روڪي، هٿرادو تلاءُ ٺاهي، ان جو پاڻي پنھنجي مرضيءَ موجب وهائي، آبادي ڪئي ويندي هئي. جيڪو ريج ڪرڻ Tank Irrigation جو هڪ عمدو نمونو آهي. مقامي ماڻهو ان کي ’ڪافر بند‘ ڪوٺين ٿا.
اهڙا بَند سنڌ جي ڪوهستان ۽ بلوچستان جي اڪثر علائقن ۾ ملن ٿا، جن کي ’گـبر بند‘ يا ’گور بند‘ سڏيو ويندو آهي. هن بند جي ٻاهران قديم رستي جا نشان ملن ٿا، جيڪو ايران کان سنڌ تائين هو. اهو رستو ميسو پوٽيميا (عراق) کان نڪري، وچ ايران جي شھرن ڪـِـرمان، همدان، سلطان آباد، قم، ڪاشان، يزد ۽ بمپور کان ٿيندو، مڪران مان لنگهي، سنڌ ۾ داخل ٿيندو هو ۽ آمري ۽ سيوهڻ کان گذرندو، موهن جي دڙي تائين پھچندو هو. قديم زماني ۾ جهانگارن ۽ آمريءَ وارو علائقو ڏاڍو زرخيز هو. هن رستي سان قديم عراق، ايران ۽ سنڌ جي وچ ۾ واپاري قافلا هلندا هئا. ايران جي حملي جو امڪان بہ انهيءَ رستي سان رهندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو