
ڪافر قلعو
ڪافر قلعو (قلعو): ڪافر قلعي جي نالي سان مشھور سيوهڻ جو هي قلعو، قبل مسيح جي دور جو ليکيو وڃي ٿو. سيوهڻ جو شھر ۽ قلعو درياهي سطح کان مٿي ٺھيل آهن، جيئن درياھہ ٻوڏن کان شھر ۽ قلعو بچائي سگهجن. هي قلعو ڪنھن تعمير ڪرايو ان جي پڪي ڪا بہ شاهدي نہ ٿي ملي. هڪڙي روايت آهي ته، سڪندر اعظم سنڌ تي حملي دوران قلعي کي فتح ڪرڻ لاءِ اچي حملو ڪيو، پر کيس سخت مزاحمت جو منھن ڏسڻو پيو. سڪندر اعظم سان مھاڏي اٽڪائڻ لاءِ هتان جو ميربحر قبيلو پيش قدمي ڪري، اڳتي وڌيو. سڪندر اعظم جا ڪيترا ئي فوجي جوان مارجي ويا ۽ سندس هاٿي گهوڙا پڻ ماريا ويا. ايستائين جو سڪندر اعظم پاڻ سخت زخمي ٿي پيو. ڪن محققن جو اهو بہ رايو آهي تہ سڪندر اعظم جي درياھہ رستي ايندڙ فوج سان اها ويڙھہ ٽلٽيءَ وٽ ٿي ۽ ٻين جو خيال آهي تہ اها ويڙھہ سيوهڻ کان هڪ ميل جي فاصلي تي اتر طرف درياھہ تي ٿي. هن قلعي ڪيترائي تاريخي دور ڏٺا آهن، پر هاڻ هڪ دڙي جي شِڪل ۾ موجود آهي.