ڪافي

ڪافي (شعري صنف): سنڌي نظم جي تاريخ ۾، ’ڪافي‘ اهم ۽ گهڻي آڳاٽي صنف آهي، جنھن کي ڊاڪٽر بلوچ ابتدا ۾ ’ڪافي‘ ۽ بعد ۾ ’قافي‘ جي صورت ۾ لکيو آهي. پر سنڌي، سرائيڪيءَ ۽ پنجابي ٻولين ۾ ان کي عام طور ’ڪافي‘ ئي لکيو وڃي ٿو. قدامت جي لحاظ کان ڪافي ’ڳاھہ‘ کانپوءِ ٻئي درجي تي شمار ڪئي وڃي ٿي. ’ڳاھہ‘ هندي ’گاٿا‘ جو سنڌي اُچار آهي ۽ ڪافيءَ کي ڪي عالم ’قافي‘ عربي نظم ’قافيه‘ جو سولو سنڌي نالو سڏين ٿا. هڪ اندازي موجب ’ڪافيءَ‘ جي شروعات ٻارهن سؤ سال کن اڳ ٿي. سنڌي نظم جي هيءَ ’صنف‘ پوءِ سماع جي محفلن ۾ عام ڳائجڻ لڳي ۽ مسلسل مقبول رهي. ان جي مقبوليت جا روايتي اهڃاڻ اندازي موجب 7 صدي هجري/ٻارهين صدي عيسويءَ کان ۽ تحريري ذڪر 10 صدي هجري/ 16 صدي عيسويءَ کان ملي ٿو. لکت ۾ ڪافي 11 صدي هجري/17 صدي عيسويءَ جي آخر ۾ ملي آهي. ان وقت کان وٺي ويندي موجودہ دور تائين ’ڪافيون‘ لکت ۾ ملن ٿيون. انهيءَ ڪري سواءِ ’ڳاھہ‘ ۽ ’بيت‘ جي، ’ڪافين‘ جو مواد سنڌي نظم جي ٻيءَ هر صنف کان تمام گهڻو آهي. ڪافين جي مختلف موضوعن، نظم جي اندروني سٽائن، ڪافين ۾ سمايل جذبن، خيالن ۽ سڀ کان وڌيڪ تہ ڪافين ڳائڻ جي جدا جدا اندازن، الحانن ۽ راڳڻين روپن جي لحاظ کان ’سنڌي ڪافين‘ جو مطالعو هڪ خاص علمي اهميت رکي ٿو. ’نظم جي صنف‘ توڙي ’راڳ جي صورت‘ ۾ ’ڪافيءَ‘ جو گهر سنڌ کي سڏيو ويو آهي. سنڌ ۾ ئي ’ڪافي راڳ‘ اسريو. انهيءَ سلسلي جا حوالا 10 صدي هجري/ 16 صدي عيسويءَ کان وٺي اهڙن مستند علمي، ادبي ۽ تاريخي ڪتابن ۾ ملن ٿا، جيڪي سنڌ کان ٻاهر تصنيف ٿيا. سنڌي ذاڪرن ۽ قوالن، حضرت شيخ بھاءُ الدين ذڪريا (ملتان)، حضرت شيخ فريد (پاڪ پتن) ۽ حضرت شيخ عبدالجليل چوهڙ ۽ سندس جاءِ نشينن (لاهور) جي سماع جي محفلن ۾ سنڌي ڪافيون ڳايون ويون، جن کان متاثر ٿي، ان دور ۾ فقط پنجاب جي ئي ڪن درويشن ’ڪافي راڳ‘ وارا نظم جوڙيا، پر ’ڪافي نظم‘ توڙي ’ڪافي راڳ‘ جو اصل گهر سنڌ ئي رهيو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪافي صنف بابت لکي ٿو: ”سنڌي ڪافين ۽ بيتن جو غلغلو (شھرت) سنڌي ذاڪرن ۽ قوالن جي ڳائڻ ذريعي پنجاب تائين پھتو. بابا گرونانڪ (1469ع-1539ع) پھريون درويش هو جنھن سنڌي ڪافيءَ جي ڳائڻ کان متاثر ٿي، پنھنجي لفظن ۽ فقرن جي آميزش سان پنھنجا ڪي نظم ’ڪافي‘ جي عنوان سان ڳائڻ خاطر جوڙيا، پر انھن ۾ ڪافي نظم واري سٽاءَ قائم نہ رهي. سٽاءَ جي لحاظ سان صحيح ڪافيون پنجاب ۾ شاھہ حسين (1539ع-1593ع) چيون. هن بزرگ تي پڻ قاضي قادن جي بيتن ۽ سنڌ جي ذاڪرن ۽ قوالن جي ڳائڻ جو اثر هو، جن شاھہ حسين درويش جي آڏو وقت بوقت پئي ڳايو. سندس ڪافين جي ٻولي بہ ٺيٺ ’مانجهي‘ واري پنجابي بدران سرائڪيءَ سان ملندڙ جلندڙ آهي ۽ غالباً هو گهڻو وقت ڏکڻ پنجاب توڙي سنڌ ۾ رهيو. سندس ڪافين جا آڳاٽا ذخيرا بہ سنڌ ۾ ئي قاضي قادن ۽ ٻين درويشن جي ڪلام سان گڏ محفوظ رهيا، جيڪي پوءِ دادو پنٿي فقيرن پنھنجن پستڪن ۾ نقل ڪيا. شاھہ حسين جي ڪافين جا ڪي جدا مجموعا بہ سنڌ ۾ محفوظ رهيا ۽ لاهور مان پھريائين شاھہ حسين جون جيڪي ڪافيون ڊاڪٽر موهن سنگهہ ديواني ڇپايون، سي بہ سنڌ جي ئي قلمي نسخن تان نقل ڪيون ويون. ’شاھہ جي رسالي‘ جي ڪن نسخن ۾ ۽ سنڌ جي ڪن ٻين بياضن ۾ شاھہ حسين جون ڪي ڪافيون يا ڪافين جون سٽون محفوظ آهن.“
ڪافي‘ سنڌي شعر جي هڪ آڳاٽي صنف آهي، جنھن جي ابتدا ۽ اوائلي ترقي جي تاريخ تي زماني جي لٽ چڙهيل آهي. هن صنف جي اوائلي توڙي وچين دور وارو ڪو نمونو اسان وٽ لکت ۾ موجود ناهي، انهيءَ ڪري خبر نٿي پوي تہ ’ڪافيءَ‘ جي شروعاتي هيئت ڪھڙي هئي. تاريخي تصديق موجب سنڌ ۾ شاعريءَ جو ذوق عرب دور ۾اوج کي پھتل هو. سنڌي شاعرن پنھنجي عربي دانيءَ ۾ ڪمال ڪيو ۽ عربيءَ ۾ اهڙو تہ اعليٰ ۽ معياري شعر چيو جو عرب شاعرن ۽ عالمن پڻ دل کولي کين داد ڏنو. ابو عطا سنڌيءَ جي عربي شعرن کي مشھور شاعر ۽ اديب ابو تمام پنھنجي انتخابي ڪتاب ’حماسي‘ ۾ جاءِ ڏني. جيئن تہ سنڌي ٻوليءَ کي عرب- اسلامي دور ۾ فروغ حاصل هو ۽ سنڌي شاعرن کي دمشق ۽ بغداد ۾ داد ملندو هو، انهيءَ ڪري سنڌي شاعرن جو پنھنجي مادري زبان سنڌيءَ ۾ شعر چوڻ فطري عمل هو. ان آڳاٽي سنڌي شعر جا نمونا محفوظ تہ نہ رهيا، پر عربي شاعريءَ جا اصطلاح جھڙوڪ ’بيت‘، ’مصرع‘، ’قافيو‘ ۽ ’ڪلام‘ انهيءَ دور کان سنڌي شاعريءَ ۾ رائج ٿيا.
ڪافيءَ ۾ عربي نظم ’قصيدي‘ وانگر ’تعريف‘ توڙي ’تشبيب‘ (محبوب جي ساراھہ) جا مضمون سمايل هئا. اوائلي ديني عقيدي ۽ پوءِ جي صوفي سلسلي ۾، ’تعريف‘ واري مضمون جو رخ ’ تعاليٰ جي ثنا‘ ۽ ’نبي ڪريم صلي عليہ وسلم جي صفت‘ ڏانھن ٿيو. جڏهن ’ذاڪرن‘ انهيءَ مضمون واريون ڪافيون سماع جي مجلسن ۾ ڳايون تہ انھن کي ’مولود‘ سڏيو ويو. ٻئي طرف ’تشبيب‘ (معشوق جي تعريف) جي مضمون واريون ’ڪافيون‘ عام محفلن ۾ ڳائجڻ لڳيون.
ستين صدي هجري/ٻارهين صدي عيسويءَ کان وٺي صوفي درويشن ۽ سندن مجلسن ۾ سماع ڪندڙ سنڌي ذاڪرن ’ڪافين‘ کي سنڌ ۾ توڙي سنڌ کان ٻاهر ڳائي مشھور ڪيو. اهڙيءَ طرح سنڌ جو هي ’ڪافي نظم‘ ۽ ’ڪافي ڳائڻ‘ پھريائين سنڌ کان اتر طرف ملتان واري خِطي ۾ (جيڪو ان وقت سنڌ ۾ شامل هو) رائج ٿيو ۽ اتان پوءِ اڳتي پنجاب ۽ هندستان جي ٻين ڀاڱن تائين پھتو. سنڌ جي ’ڪافي ڳائڻ‘ جي سلسلي جي اها خاص لئي، جيڪا هندستان ۾ سڀ کان وڌيڪ مقبول پئي، سا ’ڪافي راڳ‘ جي نالي سان مشھور ٿي. ان بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي ڪتاب ’سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ‘ ۾ لکي ٿو: ”پاڪ پتن جي حضرت شيخ فريد گنج شڪر وٽ سماع جون محفلون هلندڙ هيون، انهيءَ ڪري ’سنڌ جي ذاڪرن‘ جو انھن محفلن کي مچائڻ جو پڻ قوي گمان نڪري ٿو. جيئن تہ حضرت شيخ فريد پاڻ دهليءَ ۾ پڻ رهيو هو ۽ بعد ۾ امير خسرو جي مرشد خواجہ نظام الدين اوليا جي ساڻس عقيدتمندي رهي، انهيءَ ڪري سنڌ جي ذاڪرن ۽ قوالن جو دهليءَ ۾ خواجہ نظام الدين اولياء جي سماع ۽ محفلن ۾ ڪافيون ڪلام ڳائڻ ۽ سنڌ جي ’ڪافي راڳ‘ کي اُتي مشھور ڪرڻ قرين قياس نظر اچي ٿو. اُن کان سواءِ امير خسرو پڻ ملتان آيو ۽ انهيءَ ڪري کيس سنڌي راڳڪافي‘ جي خبر پئي.“
غوث بھاءُ الدين ذڪريا جي سماع جي محفلن جي روايت سندس خليفن ۽ معتقدن وٽ پوءِ بہ قائم رهي. غوث صاحب جي ناٺي ۽ خليفي حميدالدين حاڪم جي اولاد مان شيخ عبدالجليل ٿيو، تحريري ثبوت موجود آهي تہ اندازي موجب 1540ع-1490ع واري عرصي ۾، سنڌي ذاڪرن لاهور ۾ شيخ عبدالجليل (وفات 1504ع) ۽ کانئس پوءِ سندس ڀائٽيي ’شيخ علي بري‘ جي سماع جي محفلن کي سنڌي ڏوهيڙن ۽ ڪافين سان گرمايو. انهيءَ ساڳئي دؤر (سورهين صدي عيسويءَ) ۾ سنڌ جي ذاڪرن ۽ ڪافي ڳائيندڙن هندستان جي برهانپور شھر ۾ سماع جون محفلون مچايون. شيخ لاڏ جيو سنڌي (1523-1598ع) سنڌ جي تاريخي شھر ’پاٽ‘ جي انهيءَ برگزيده خاندان مان هو، جن وڃي برهانپور کي وسايو هو. شيخ لاڏ جيو ڪافي ڳائڻ ۾ پنھنجو مٽ پاڻ هو. ’گلزار ابرار‘ (تصنيف 1605ع-1613ع) جو مصنف محمد غوثي مانڊوي لکي ٿو تہ: ”شيخ لاڏجيو، حسنِ صورت ۽ حسنِ سيرت سان گڏ سريلي آواز جي اعليٰ نعمت سان پڻ نوازيل هو. سنڌي ڪافيون اهڙي تہ درد ۽ سوز سان آلاپيندو هو جو نہ فقط پاڻ مست ٿي ويندو هو پر ٻڌندڙ پڻ محو ٿي ويندا هئا.“ مصنف غوثي اهو پڻ صاف لکيو آهي تہ ’ڪافي‘ سنڌ جي مقبول راڳن مان هڪ راڳ آهي.“
جيئن شيخ لاڏ جيو سنڌ جي ’ڪافي راڳ‘ کي برهانپور طرف مشھور ڪيو. تيئن ساڳئي دور ۾ مير محمد معصوم بکريءَ جي وڏي ڀاءُ مير محمد فاضل ’سنڌي ڪافي‘ کي دهلي ۽ آگري طرف مشھور ڪيو، بلڪ هن مغليه درٻاري ڳائيندڙن کي ’ڪافيراڳ سان پوريءَ طرح روشناس ڪرايو. ’ذخيرة الخوانين‘ (تصنيف 51/1650ع) جي مصنف شيخ فريد بکريءَ لکيو آهي: ”مير محمد فاضل ’سنڌي ٻولي جو شعرڪافي‘ نھايت ئي سھڻو چوندو هو ۽ ان ۾ کيس مقبوليت حاصل هئي.“. ’ڪافي راڳ‘ جي سلسلي ۾ وڏي اهم ۽ مستند راءِ ابوالفضل جي آهي، جنھن ’آئينِ اڪبريءَ‘ ۾ هندستاني راڳ تي هڪ تحقيقي باب لکيو آهي، جنھن ۾ هندستان جي هر ملڪ ۽ صوبي جي مخصوص مقامي راڳ ۽ لئي جو نالو ڏنو اٿس. هو لکي ٿو: ”دکن ۾ ’ڇند‘ ڳائجي ٿو: تلنگانه ۽ ڪرناٽڪ طرف ’ڌَرو‘ مروج آهي، بنگال جو راڳ ’بنگلا‘ آهي ۽ جونپور جو ’چٽڪلا‘، دهليءَ ۾ ’قول‘ ۽ ’ترانه‘ مقبول آهي، مٿرا ۾ ’بشن پد‘ تہ آگري ۾ ’ڌرپد‘ جو چرچو آهي، لاهور ۽ ان جي چؤڌاري ’ڇند‘رائج آهي، گجرات جو راڳ ’جِڪري‘ آهي ۽ سنڌ جو راڳڪافي‘ آهي، جنھن ۾ مھر ۽ محبت جو جادو سمايل آهي.“ ڊاڪٽر نبي بخش جي تحقيق مطابق سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪافي چوندڙ پھريون شاعر
مير محمد معصوم بکريءَ جو ڀاءُ مير محمد فاضل بکري هو ۽ لکت ۾ موجود ڪافين جي بياضن موجب شاھہ عنات رضوي موجد آهي. (جيتوڻيڪ ميون شاھہ عنات ڪافيءَ نہ بلڪ وائيءَ جو موجود آهي) ساڳئي دؤر ۾ سچل سرمست جي ڏاڏي ميان صاحبڏني فاروقي (1779ع-1688ع) جون بہ ڪافيون ملن ٿيون، جيڪو ڪلهوڙن جي دور جو شاعر ۽ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو همعصر ۽ دوست پڻ هو.
اسماعيلي پيرن جي گنانن جو جائزو وٺبو تہ انھن جي هيئت، ’ڪافي سٽاءُ‘ واري آهي، ان حساب سان چئي سگهجي ٿو تہ ڪافيءَ جي هيئت وارو شعر، سومرا دؤر کان ملي ٿو. انهيءَ بابت سرائڪيءَ جو مشھور دانشور، قانوندان، ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ اديب حفيظ خان پنھنجي ڪتاب: ’سنڌ وادي ڪي شعوري تاريخ‘ ڪتاب ۾ ’ڪافيءَ‘ جي ابتدا شمس سبزواريءَ جي گنانن کي قرار ڏئي ٿو ۽ ڄاڻائي ٿو: ”ڪافي 12-13 صدي عيسوي جي شعري صنف آهي.“
’سنڌي ڪافيءَ‘ کي سولو عام شعر سمجهي، پڙهيل طبقي ان ڏانھن پورو ڌيان نہ ڏنو، گذريل ٻن سؤ سالن ۾ سندن خاص ڌيان ’غزل‘ طرف ئي رهيو. انگريز دؤر ۾ مير عبدالحسين خان ٽالپر سانگي پھريون اديب ۽ شاعر هو، جنھن ’غزل‘ کي سنڌي لباس پھرايو ۽ ان سان گڏ ’ڪافيون‘ بہ چيون. هن 1291ھہ/1874ع کان اڳ ڪافيون چوڻ شروع ڪيون، کيس ڪافيون چوڻ تي پوري دسترس حاصل ٿي ۽ هن پنھنجين ڪافين جو ڪتاب ’سوز سانگي‘ مرتب ڪيو، جنھن ۾ سوين ڪافيون شامل هيون. ’سوز سانگي‘ وارو اصل قلمي مجموعو پوءِ گم ٿي ويو، جنھن کان پوءِ هن ڪافيون ٻيھر گڏ ڪيون، جن مان صرف 133 ڪافيون ’ڪليات سانگي‘ ۾ محفوظ رهيون. 1880ع-1890ع واري عرصي جي علمي ادبي حلقي ۾ جنھن جو اڳواڻ مير عبدالحسين خان سانگي هو، ’سنڌي ڪافين‘ جو ذوق وڌيو. انهيءَ ساڳئي دؤر ۾ مير محمد حسين علي خان ٽالپر ڪافين جو مجموعو گڏ ڪرايو، جنھن ۾ ’ميان سچيڏني‘ (سچل) ۽ ٻين شاعرن جون ڪافيون چونڊي شامل ڪيون ويون. ان کان پوءِ سيد فاضل شاھہ پھريون شاعر ۽ اديب هو، جنھن جون چونڊ ڪافيون 1300ھہ/1883ع ۾ سرڪاري طور ڇپيون. مرزا قليچ بيگ بہ ڪيتريون ڪافيون چيون. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب آڳاٽي دور کان هن دور تائين ملندڙ (چونڊ) ڪافيون ۽ انھن شاعرن جو مختصر احوال ٽن جلدن ۾ محفوظ ڪيو آهي. ڪافين جا اهي ٽئي جلد سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري پاران ڇپجي چڪا آهن. سنڌي نظم جي هن اهم تاريخي ۽ عام مقبول صنف کي سنڌ جي شاعرن وڏي مقام تي رسايو. حقيقت ۾ ’ڪافيون‘ سنڌي علم ادب جي دائري ۾ عموماً ۽ سنڌي نظم ۽ شعر جي شعبي ۾ وڏي اهميت رکن ٿيون.


لفظ ڪافيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو