ڪالنگڙو (راڳڻي): ڀيرو ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي آهي، ڪن وٽ هن جو وادي سُر گنڌار تہ ڪن وٽ مڌم ليکجي ٿو. هي رکب ڌيوت دربل ڪرڻ سان ڀيرو کان الڳ ٿئي ٿي. هي پرڪيرتي راڳڻي آهي (يعني شوخ مزاج)، ان لاءِ درت لئہ ۾ ڳائي ويندي آهي. خاص تان: ني ني سارا گي-راگي-ماگي-ماما گي-گي ماپا ڌا-ماپا-ڌا پا ماگي-راگي ماگي-راسا
آروهي: ساراگي ماپا ڌاني سا، امروهي: ساني ڌا پاماگي راسا، وادي سر: ڪن وٽ گا_ڪن وٽ ما، سموادي سر: کرج ۽ هي راڳڻي ڳائڻ جو وقت رات جو ٽيون پھر آهي.