ڪالو فقير

ڪالو فقير

ڪالو فقير

ڪالو فقير: مشھور لوڪ فنڪار ڪالو فقير ولد ھوٿي فقير مڱڻھار 1946ع ڌاري ٽنڊي جان محمد ڀرسان ميرن جي ڳوٺ ضلعي ميرپور خاص ۾ جنم ورتو. مشھور لوڪ فنڪارہ مائي ڀاڳي سندس والدہ ھئي. جنھن وٽان کيس راڳ ورثي ۾ مليو. هن ننڍپڻ ۾ حسين فقير ۽ ٻين خاندان جي فقيرن کان ھارمونيم جي سکيا ورتي. راڳ جي سکيا والدہ کان ورتائين. ھي 20 سالن جي ڄمار ۾ ڳائڻ لڳو. ڪالو فقير ڪيترن فنڪارن سان ھارمونيم تي سنگت ڪئي. ريڊيو تي ڪالو فقير کي غلام حسين شيخ متعارف ڪرايو. کيس مصري شاھہ يادگار ڪميٽيءَ پاران ٻہ ڀيرا ’مصري شاھہ ايوارڊ‘ بہ مليو. 2015 کانپوءِ بيماري سبب ڳائڻ ڇڏي ڏنو اٿس. سندس پٽ برڪت فقير مقبول راڳي آھي.


لفظ ڪالو فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو