ڪالڪان ديويءَ جو مندر: هي مندر ٺٽي کان ڪراچي ويندڙ رستي، جتي رستو (مڪلي ٽڪريءَ تي چڙھي ٿو) جي ڀر ۾ ڏکڻ طرف آھي. مندر جي حدن ۾ پوڄارين جي رھائش جو پڻ انتظام آھي. ڪالڪان ديويءَ جي مورتي پٿر جي آھي، جنھن تي سُھاڳي جا تلڪ لڳل آھن. اتي جوت جلندي رھي ٿي. سنڌ جي مختلف علائقن کان هنگلاج ويندڙ گهڻو ڪري گنجي ٽڪر، جهرڪ، ٺٽي رستي اڳتي ويندا هئا. ٺٽي پھچڻ وقت هو پھرين ٺٽي جي کير بازار ۾ موجود شنگ ڀواني مندر ۾ اچي رسم ادا ڪري پوءِ هن مندر ۾ اچي پوڄا پاٺ ڪري اڳتي ويندا هئا. اڳ ۾ انهن مان ڪي ٺٽي واري شنگ ڀواني مندر ۾ اچي رات بہ رهندا هئا تہ ڪي مڪليءَ ۾ ڪالڪان مندر ۾ هڪ رات رهندا هئا. هاڻي اُهي فقط ڪالڪان مندر ۾ رات رهي صبح سوير قافلن جي شڪل ۾ روانا ٿيندا آهن. هتي ڪالڪان نالي سان هڪ قديم غار بہ آهي.