
ڪالڪان مندر
ڪالڪان مندر: ھي مندر تاريخي ماڳ اروڙ، ضلعي سکر ۾، جبلن واري ڪالڪان غار ۾ آهي. هن کي ڪالڪان، ڪاليڪا، مھا ڪالي، ڪالي مان ۽ ڪالي ماتا جي نالي سان پڻ سڏيو وڃي ٿو. ھن مندر جو ذڪر مشھور تاريخي ڪتاب چچ نامي ۾ بہ موجود آھي. قديم آثارن جي ماھرن جي راءِ آھي تہ اھا غار، جنھن ۾ هي مندر آھي، اِها نيوليٿڪ دور جي آھي، جنھن کي انساني ھٿن سان ٺاھيو ويو آھي. راءِ گهراڻي جي دور ۾ ڪالڪان ۾ مندر ھو. ڪالڪان جي معنى آھي ڪالي ديوي. ھن مندر ۾ ٽي ڪمرا آھن ٻہ ننڍا ۽ ھڪ وڏو. ٽنهي ڪمرن کي مرڪزي ھال جي حيثيت حاصل آھي. ان کان سواءِ پاسي ۾ ننڍيون غارون پڻ ملن ٿيون، جن کي چلا ڪشي يا ڌيان گيان لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. غار جي ڇت ڪٿي انساني قد جيتري تہ ڪٿي انساني قدکان گهٽ آھي. ھيءَ غار اڌ گول جهڙي آھي، جنھن کي ٻہ لنگهہ آھن، پر دروازا لڳل ڪونه آھن. وچين غار ۾ ڪاليءَ جي مورتي رکيل آھي. غار واري انهيءَ ٽڪريءَ تي شو پوڄا لاءِ ٺھيل چبوتري ۽ ڪوٺيءَ جا نشان آھن. پر هاڻ ھتي ڪابہ اھڙي وٿ ڪانہ ٿي ملي.