ڪامارو شريف: ضلعي ٽنڊي الھيار جو هيءُ مشھور ڳوٺ، ٽنڊي الھيار- ميرپورخاص روڊ تي، روڊ جي ڏکڻ طرف هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي. هيءُ ڳوٺ پير اشرف شاھہ قريشي (ولادت 1799ع، وفات 1814ع) جي اچڻ کان بہ اڳ جو آباد آهي. انهيءَ بنياد تي چئي سگهجي ٿو تہ ڪامارو ڳوٺ (ٽنڊوالھيار) ڪلهوڙا دور کان بہ اڳي قائم ٿيل هجي. جڏهن پير اشرف شاھہ، ڪاماري ۾ باقاعدہ رهڻ لڳو تہ انهن ڏينھن ۾ انهيءَ ڳوٺ ۾ ’ارباب‘ قبيلي جا ڪجهہ گهر آباد هئا. هي ڳوٺ اڳ هڪ قلعي جي چوديواري اندر هوندو هو، جنھن ۾ پير اشرف جي خانقاھہ ۽ مريدن جا گهر هوندا هئا. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ لکيو آهي تہ ”لفظ ڪامارو، اسم خاص آهي.“ انهيءَ سان هي اندازو ختم ٿي وڃي ٿو تہ ’ڪامارو‘ لفظ مرڪب آهي، يعني ڪام وارو.
عام طرح هيءَ ڳالھہ بہ مشھور آهي تہ هتي ڳوٺ ڪاماري ۾ قريشي پيرن هڪ ڊگهي ڪام کوڙائي هئي، جنھن جي چوٽيءَ تي هڪ فانوس رکيل هو، جيڪو رات جو ٻاريو ويندو هو تہ جيئن عام ماڻهن ۽ مسافرن کي ڳوٺ ڪامارو پري کان ڏسڻ ۾ اچي. انهيءَ ڪري اهو ’ڪام وارو‘ ڳوٺ مان ڪامارو سڏجڻ لڳو.”ڪامارو نالي سان ڏاکڻي سنڌ جي ستن تعلقن کپري، ٽنڊي باگي، ڊگهڙي، بدين، گوني، ميرپوربٺوري ۽ ٽنڊي الھيار ۾ ديھن جو نالو آهي. حيدرآباد ضلعي ۾ هڪ اسٽيشن ۽ هڪ ڳوٺ جو نالو بہ ڪامارو آهي. ڏاکڻي سنڌ جي ستن تعلقن ۾ ’ڪامارو‘ ديھن جا نالا تہ آهن پر اتي ڪامارو نالي ڪو بہ ڳوٺ ڪونهي. ڪامارو ڳوٺ فقط ٽنڊي الھيار ۾ آهي جتي پير اشرف شاھہ قريشي جي درگاھہ آهي.