ڪامريڊ الهه وڌايو انڍڙ

ڪامريڊ الهه وڌايو انڍڙ: مشهور هاري ورڪر ڪامريڊ الهه وڌايو انڍڙ ولد عبدالحميد انڍڙ، 9 مارچ 1929ع تي ڳوٺ ميل انڍڙ عرف واريءَ جي ڳوٺ ۾ ڄائو. شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ’ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ ۾ ڪامريڊ الهه وڌايي جي شخصيت، سگھڙائپ، شڪار جي تجربن تي لکيو آهي. هن شيخ اياز سان ڪيتريون ڪچهريون ڪيون هيون، شيخ اياز، سعد پور ۽ صالحاڻي ٻيلي جي زمينن جي سلسلي ۾ هاري اڳواڻن جو وڪيل هو ۽ کانئن في نه وٺندو هو. ڪامريڊ الهوڌايي هارين کي ٻيلن جون زمينون ڏيارڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي، ڪيترا ڀيرا جيل به ويو، ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين، بک هڙتالون به ڪيائين، نتيجي طور سندس ذاتي زمين به ضبط ڪئي وئي. اڄڪلهه جوڻاس ويجھو ڳوٺ عبدالحئي انڍڙ ۾ رهي ٿو.


لفظ ڪامريڊ الهه وڌايو انڍڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.03.09  عيسوي

مشهور هاري ورڪر ڪامريڊ الهه وڌايو انڍڙ ولد عبدالحميد انڍڙ، 9 مارچ 1929ع تي ڳوٺ ميل انڍڙ عرف واريءَ جي ڳوٺ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهنواز خان ٽالپر
احمد شيخ
رياض منگي
پوراني ميرڪ سيد محمد
وڪرم شهاڻي
شيخ محمد فاضل
پيرزادو شاهنواز مولائي
مخدوم محمد اسماعيل سومرو
اڪبر اديب
خامنائي سيد علي حسيني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون