ڪامريڊ الھہ وڌايو انڍڙ

ڪامريڊ الھہ وڌايو انڍڙ: مشھور هاري ورڪر ڪامريڊ الھہ وڌايو انڍڙ ولد عبدالحميد انڍڙ، 9 مارچ 1929ع تي ڳوٺ ميل انڍڙ عرف واريءَ جي ڳوٺ ۾ ڄائو. شيخ اياز پنھنجي ڪتاب ’ڪٿي تہ ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ ۾ ڪامريڊ الھہ وڌايي جي شخصيت، سگهڙائپ، شڪار جي تجربن تي لکيو آهي. هن شيخ اياز سان ڪيتريون ڪچهريون ڪيون هيون، شيخ اياز، سعد پور ۽ صالحاڻي ٻيلي جي زمينن جي سلسلي ۾ هاري اڳواڻن جو وڪيل هو ۽ کانئن في نہ وٺندو هو. ڪامريڊ الهوڌايي هارين کي ٻيلن جون زمينون ڏيارڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي، ڪيترا ڀيرا جيل بہ ويو، ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين، بک هڙتالون بہ ڪيائين، نتيجي طور سندس ذاتي زمين بہ ضبط ڪئي وئي. اڄڪلھہ جوڻاس ويجهو ڳوٺ عبدالحئي انڍڙ ۾ رهي ٿو.


لفظ ڪامريڊ الھہ وڌايو انڍڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.03.09  عيسوي

مشهور هاري ورڪر ڪامريڊ الهه وڌايو انڍڙ ولد عبدالحميد انڍڙ، 9 مارچ 1929ع تي ڳوٺ ميل انڍڙ عرف واريءَ جي ڳوٺ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ديارام ساهني
سيد محمد وريل شاھہ سبزواري
بکر فقير شھيد
قمر واحد، ڊاڪٽر
شيخ محمد اسلم 1
تارا ميرچنداڻي
بھاءُ الدين ذڪريا
ڀڳونتي پي چانڊواڻي
ضياء الدين ضياء
صوفي لعل بخش ڪانڌڙو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون