جمالي، ڪامريڊ علي محمد

جمالي، ڪامريڊ علي محمد

ڪامريڊ علي محمد جمالي

ڪامريڊ علي محمد جمالي : ڪامريڊ علي محمد ولد نبي بخش جمالي، 25 جنوري 1958ع تي ڳوٺ گنھور خان جمالي. تعلقي جوهيءَ ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڦلجي وليج مان، مئٽرڪ هاءِ اسڪول ڪڪڙ مان، انٽر گورنيمنٽ ڊگري ڪاليج دادوءَ مان ۽ ايم. اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان پوليٽيڪل سائنس جي مضمون ۾ ڪيائين. ڪامريڊ علي محمد جماليءَ سياست جي شروعات 1978ع ۾ جيئي سنڌ هلچل جي پليٽ فارم تان ڪئي. 1979ع ۾ شهيد ڀٽي جي شهادت بعد پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪيائين، 1981ع ۾ سپاف ضلعي دادوءَ جو صدر به رهيو. 1983ع ۾ ايم. آر. ڊي تحريڪ دوران گرفتار ٿيو ۽ کيس سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو ويو، جتي هڪ سال قيد ۾ رهيو. 1986ع ۾ کيس ٻيهر گرفتار ڪري سينٽرل جيل موڪليو ويو. ڄام صادق عليءَ جي وڏ وزارت واري دور ۾ به کيس گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. جڏهن محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم جي حيثيت ۾ سعودي عرب وئي ته سندس وفد ۾ هي به شامل هو. ڪامريڊ علي محمد جمالي سماجي ڪمن ۾ به سرگرم رهيو آهي، سنڌ جي مسئلن تي ٿيندڙ جدوجهد ۾ اڳرو ڏٺو ويو آهي. هن وقت سندس سياسي وفاداريون پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو) سان آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.01.25  عيسوي

ڪامريڊ علي محمد ولد نبي بخش جمالي، 25 جنوري 1958ع تي ڳوٺ گنھور خان جمالي. تعلقي جوهيءَ ۾ پيدا ٿيو. ا



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جتوئي مظهر علي ڪامريڊ
الهڏتو رند رئيس
ظهير ڪاشميري
استاد لغاري
جوڻيجو منصور قادر
سيد محبوب علي شاهه1
شيخ الڀو ٺٽوي
فائزه ايوب
ديوان محمد اقبال
آخوند اقبال احمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون