
ڪامل خان جمالي
ڪامل خان جمالي: حاجي ڪامل خان ولد محمد حسن خان جمالي، 1940ع ڌاري مٽياري ضلعي جي ڳوٺ نبي بخش خان جماليءَ ۾ پيدا ٿيو. هن بلدياتي چونڊن ذريعي عـمـلــي سـياسـت ۾ قــدم رکـيـو. هي ڪائونسلر، ٻہ ڀيرا ضلعي ڪائونسل حيدرآباد جو ميمبر ۽ 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ هالا نيو سعيد آباد جي تڪ مان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. سنڌ اسيمبليءَ ۾ پورهيتن جي حقن واري اسٽئنڊنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر بہ رهيو. هن بکر جمالي پل ڀرسان نيشنل هاءِ وي تي پنھنجي پٽ جي نالي سان هڪ نئين شھر ’سڪندرآباد‘ جو بنياد رکيو.