ڪامود ڪلياڻ (راڳڻي): هي ڪلياڻ ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي آهي. هن ۾ ٻئي مڌم رائج آهن. ان ڪري ڪي هن کي ڪلياڻ ٺاٺ تہ ڪي بلاول ٺاٺ جي راڳڻي ڳڻين ٿا. هن ۾ وادي سُر پنچم ۽ سموادي سُر رکب آهي. گنڌار وڪر اٿس. هي راڳڻي رکب ۽ پنچم جي سنگت سبب سڃاڻڻ ۾ آسان آهي. هي راڳڻي گونڊ ۽ همير جي ملائڻ سان ٺھي آهي. پنڊت سومناٿ هن کي بلاول ٺاٺ جي راڳڻي لکيو آهي.
آروهي: ساري پامي پاڌي پاڌي سا
امروهي: ساني ڌي پاگي ماپاگي ماري - سا
وقت: سج لھڻ کان پوءِ