ڪاموڏ

ڪاموڏ (راڳڻي): ’ڪاموڏ‘سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي معنيٰ ’ڪام وهيڻي‘ آهي. ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي خيال ۾ ڪاموڏ ’ڪامودا‘ جو بگڙيل روپ آهي، جنھن جو مطلب آهي: ’ڪام يا پريم وهيڻي‘. ’ڪامودا‘ ديپڪ راڳ جي پنجن زالن مان هڪ آهي ۽ سمپورڻ راڳڻي آهي. هيءَ راڳڻي ٻنپھرن ۽ شام جو ڳائبي آهي. هن سُر ۾ وصل جي ميٺاڄ جي وائي آهي. راڳ جا نائڪ هن کي ڪلياڻ ۽ ڪيدارا سان مرڪب ڪري سمجهندا آهن. ان ڪري ئي ڪاموڏ، ٽنهي سُرن: بلاول ٺاٺ، ڪلياڻ ۽ ڪيدارا وغيرہ- سان مشابھت رکندڙ آهي. بلڪہ ڪاموڏ کي ٽنهي سُرن جو مرڪب چئجي تہ بہ غلط نہ ٿيندو. بلاول ٺاٺ ۾ ڪي راڳ صبح جي وقت تہ ڪي وري رات جو ڳايا ويندا آهن ۽ اُهي اترانگ ۽ پُور وانگ ۾ ڳايا ويندا آهن. اهو طريقو ٻئي ڪنھن بہ ٺاٺ ۾ نہ آهي. هن سُر جو وادي سُر پنچم ۽ سموادي سُر رکب آهي. مطلب تہ راڳڻي ڪاموڏ نج سنڌي راڳ آهي، البته هن راڳڻيءَ جو ميلاپ ٻين ٺاٺن سان ضرور آهي. ڪي راڳ جا ڄاڻو بلاول ٺاٺ جي هن راڳ ۾ پنچم ۽ ڌيوت ڪم نٿا آڻين، پر لطيف جا راڳي انهن کي استعمال ڪن ٿا.


لفظ ڪاموڏھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو