ڪامڻ ڌجيو (گيت): هي ٿري لوڪ گيت شاديءَ جي موقعي تي ’گهڙيءَ جي رسم‘ ادا ڪرڻ وقت ڳايو ويندو آهي. سُريلي ڌُن سان هي گيت چار پنج عورتون گڏجي ڳائينديون آهن. هي رسم ادا ڪرڻ جو منفرد انداز آهي. جيڪو گهڻي ڀاڱي ٿري عورتون ادا ڪنديون آهن.
ڪامڻ ڌجيو هو راج، ڪامڻ ڌجيو هو مورا راج
هرڻا ري کيھه سين، آيو ڏيس ۾ مورا راج
ڀائيان ري جوڙي رو جڻسار، آيو ڏيس ۾ مورا راج
سريکي جوڙي رو جڻسار، آيو ڏيس ۾ مورا راج
ماما ري جوڙي رو جڻسار،آيو ڏيس ۾ مورا راج.