ڪانجيءَ جو قلعو: ڪڇ جي رڻ ۾ رهومڪي (رحمڪي) بازار کان ڪجهہ ڪوھہ پري هڪ ڦٽل ڪوٽ ۽ شھر جيڪو اڳ سنڌ ۾ ۽ موجودہ وقت هندستان ۾ آهي. هن قلعي جو ذڪر ميان نور محمد خان ڪلهوڙي جي دؤر ۾ ملي ٿو.
مير علي شير قانع ’تحفة الڪرام‘ ۾ لکي ٿو: ”1158ھہ/1745ع ۾ ميان نور محمد خان ڪانجيءَ جو قلعو تلوار جي زور تي فتح ڪيو، 1159ھہ/1746ع ۾ ڪڇ جا ماڻهو بدين ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ گهڙي آيا هئا. جن کي ميان نور محمد خان جي حڪم تي بھادر شاھہ فقير لشڪر سان گڏ وڃي سيکت ڏني ۽ کين واپس ڀڄائي ڪڍيو.“ جڏهن تاجن مينڌرو جڏهن ميان نور محمد کان هار کائي ڀڄي وڃي ڪانجيءَ جي حاڪم وٽ لڪو تڏهن ميان صاحب پنھنجي خاص ايلچي مير شاهو خان بلوچ کي ڪانجيءَ جي واليءَ ڏانھن موڪليو پر ڪانجيءَ جي والي هن ڳالھہ تي ڪو بہ ڌيان نہ ڏنو ۽ تاجن جي ٻانھن ڏيڻ کان بلڪل انڪار ڪري ڇڏيو.
ڪانجيءَ جي والي جڏهن ميان نور محمد خان جي ڳالھہ کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو تڏهن ميان صاحب فوج تيار ڪئي جنھن ۾ ميان نور محمد خان کانسواءِ ميان احمد يار خان، ميان فضل علي خان، عارف خان، مير متارو، تاج محمد، ڀائي خان، شيخ محمد، شاھہ بھارو، مراد ڪليري، مير چاڪر بلوچ، بختيار کهاوڙ، مسو سانيھه، شير بخشو، دريا خان ابڙو، شيخ شڪر الله، پور روحل کوسو، بلاول ۽ ڦتوحل شامل هئا. ٻنهي ڌرين ۾ سخت لڙائي لڳي، ڪانجيءَ جي والي کي شڪست آئي کيس قيد ڪيو ۽ قلعي تي ڪلهوڙا حاڪم قابض ٿيو.