ڪانجي ڪوٽ

ڪانجي ڪوٽ (ماڳ): ڪانجي ڪوٽ سنڌ جي مشھور شھرن مان هڪ هو. وڳھه ڪوٽ جي تباهيءَ کان پوءِ هن شھر کي خاص اهميت ملي ۽ حڪومت جا فيصلا هتي ٿيڻ لڳا. محقق محمد سومار شيخ پنھنجي ڪتاب ’ڪڇ جو رڻ‘ ۾ ڄاڻايو آهي: ”ڪانجي ڪوٽ، علي بندر کان ٽي ڪوھہ پري هو. ڪانجي ڪوٽ سھتن جو تختگاھہ هو. سھتن مان راجا ڌارنگ مشھور هو، جو گهڻو وقت اڳ هن ڪوٽ تي راڄ ڪندو هو.“ غلام رسول مھر پنھنجي تصنيفتاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور‘ (ڀاڱو پھريون) ۾ سنڌ جي مختلف دورن جي احوال ۾ سھتن جي ’راءِ ڌورنگ‘ جو نالو مشھور شخصيت طور ڏنو آهي. ڪانجي ڪوٽ 1159ھہ/ 1746ع ڌاري ڪڇ جي راءِ جي قبضي هيٺ هو. ڪانجيءَ جو والي دلير ۽ سخت مزاج هو ۽ ان وقت سنڌ جي ڪلهوڙا حاڪمن جو ڏن ڀريندو هو. ان ڪري ڪلهوڙن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ قلعي ۾ جنگ جو سامان گڏ ڪري رکيو هئائين. محمد سومار شيخ پنھنجي ڪتاب ’ڪڇ جو رڻ‘ ۾ ڪانجيءَ جي واليءَ جو نالو راجا ڏهيسر ڄاڻايو آهي. غلام رسول مھر پنھنجي تصنيفتاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور‘ ۾ ڪانجيءَ جي واليءَ جو نالو واضح نہ ڪيو آهي. ڪانجيءَ جي قلعي جي چوڦير پاڻي ۽ رڻ پٽ هو. جڏهن تاجن منڌرو جي طاقت ختم ڪرڻ لاءِ ميان نور محمد ڪلهوڙي ساڻس ويڙھہ ڪئي، تڏهن تاجن منڌري ميان نور محمد کان شڪست کائي، ڀڄي اچي ڪانجي ڪوٽ ۾ پناھہ ورتي. ميان نور محمد، شاهو بلوچ کي ايلچي بنائي ڪانجي ڪوٽ جي واليءَ ڏانھن موڪليو تہ تاجن کي پاڻ وٽ پناھہ نہ ڏي، پر ڪانجيءَ جي والي جو پيغام مڃڻ کان انڪار ڪيو. جنھن تي ميان لشڪر چاڙهي آيو. لشڪر قلعي جو گهيرو ڪيو ۽ قلعي جي ديوار ۾ سرنگهہ ٺاهي بارود ڀري باھہ ڏني. جنھن جي ڌماڪي سان قلعي جو ڪجهہ حصو اڏامي ويو. جنھن بعد ڪانجي جو والي ميدان ۾ آيو ۽ مارجي ويو. سندس ڀاءُ گرفتار ٿي ويو. تاجن منڌرو ڀڄي ويو پر بعد ۾ ميان نور محمد وٽ پيش پيو ۽ ڪجهہ عرصي بعد ٻيھر سازش ڪرڻ تي ماريو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو