ڪانو

ڪانو (ماپ جو اوزار): عام طرح، سَرَ جي انهيءَ تيلي کي ڪانو چيو ويندو آهي، جنھن مان پتريون، چِکون ۽ مُوڙها وغيرہ ٺاهيا ويندا آهن، پر سنڌ ۾ لفظ ڪانو ڌار ڌار شين ۽ ڪمن لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي، مثال طور: هڪڙو ڪانو اهو جيڪو ماپ لاءِ ڪتب اچي. واٽر يا اڏ جي کاٽي کڻڻ کان اڳ هاري ڪجهہ فوٽن جو هڪ ڪانو پٽي اچن ۽ پوءِ هر هڪ هاري کي انهيءَ ڪاني سان ڪجهہ ايراضي ماپي ڏين. ائين جيترا هاري هوندا اوترا ڪانا ماپي ڏيندا. سنڌ جا ماڻهو وقت جو ڪاٿو پڻ ڪاني سان ڪندا هئا ۽ ڪٿي ڪٿي اڄ بہ ڪن ٿا. هو وقت ٻڌائڻ وقت چوندا هئا سج ڪانو، سوا ڪانو يا ڏيڍ ڪانو چڙهيو. سنڌ جي ماڻهن ماپ تور ۽ وقت ڪٿڻ جون اهڙيون جدولون پاڻ جوڙيون هيون، جيڪي سنڌ جي ٻھراڙيءَ ۾ اڄ بہ ڪٿي ڪٿي رائج آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو