
ڪانڀو جبل
ڪانڀو جبل: ڪانڀو، تعلقي ٿاڻي بولا خان، ضلعي ڄامشوري جي ڪرچات واري علائقي ۾ هڪ مشھور تاريخي جبل واقع آهي. ڪانڀو جبل ۽ ان جي آس پاس وارو علائقو، تاريخ ۽ تھذيب جو مرڪز آهي، جتي اڄ بہ انساني قديم آثار ملن ٿا. هن علائقي ۾ ماٿريون،ٽڪريون، وڻڪار ۽ نئيون موجود آهن. هن جي آس پاس ئي کيرٿر نيشنل پارڪ موجود آهي، جتي سرھہ،گڊ، هرڻ ۽ ٻيا ناياب جانور ۽ تتر وغيرہ موجود آهن. جهنگلي جيوت جي لحاظ کان هي سنڌ جو اهم علائقو آهي. هن علائقي ۾ معدنيات ۽ ٻيا قدرتي وسيلا پڻ جام آهن. جبل مان ڪيترا ئي قدرتي چشما بہ نڪرن ٿا. جبل جي چئني پاسي اهم تاريخي وسنديون ۽ ماڳ موجود آهن. هتي پير غيبي جي درگاھہ جي اولھه ۽ ڏکڻ پاسي کان ديھھ ڀال جو علائقو اچي ٿو، جتان پاڻي وهي سردار جاگير، دائو لڪ واري علائقي، ايسر، ريڪ، ڀال ۽ ٻين ڳوٺن مان گذري نئن باراڻ ۾ وڃي شامل ٿئي ٿو. هي پاڻيءَ جو سلسلو ٿاڻو احمد خان جي پسگردائيءَ کان ٿيندو واھي عارب خان وٽ نئين باراڻ ۾ ملي، آخرڪار دروات ڊيم تائين پھچي ٿو. نئن باراڻ پير غيبي، ڪانڀو جبل، ٿاڻو عارب خان کان ٿيندي دروات ڊيم ۾ ملي ٿي. ڪوھتراش جو قديمي ڳوٺ پڻ ڪانڀو جبل جي ڀر ۾ آهي، جنھن بابت مجمدار ۽ سيد حاڪم علي شاھہ بخاري جو چوڻ آهي ته، اهو سنڌو ماٿري جي تھذيب جي همعصر دور جو ڳوٺ آهي.