ڪانڌي واھي بٺي

ڪانڌي واھي بٺي (ماڳ): ڪانڌي واھي بٺي، دادو ضلعي ۾ دارا جنگ ۽ نئنگ جي وچ تي، نئينگ نئن ماٿر جي اولھه طرف، کيرٿر ڇپر جي ھيٺان آھي. ھتي رھائشي ايراضي، جيڪا ھڪ قدرتي ماٿريءَ تي بيٺل آھي، سا انتھائي ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. سڄي ايراضي پڪل مٽيءَ جي ڌڌڙ ۽ ٽڪرين جي ڀور سان ڳاڙھي نظر اچي ٿي. هن ماڳ جي آسپاس ڪٿي اڪيلن گهرن تہ ڪٿي گهڻن گهرن جا نشان پڻ آھن


هن صفحي کي شيئر ڪريو