ڪانڌڙو/ڪانڌڙا (ذات): هن ذات وارا سنڌ جي اُتر واري پاسي گهڻا آهن، عام روايتن موجب جکري راءِ بنگال کان ڪجهہ ٻانھا آندا هئا، انھن ۾ هڪ ڪانڌڙو بہ هو، جنھن جي نالي پويان ڪانڌڙا سڏيا ويا. جکري ڪانڌڙي کانسواءِ پتوجو، کائو، مھيسر کانبڙا، چاچڙ، چنڊ، چانھيون، هڪڙا ۽ ٻيا پاڻ سان گڏ آندا هئا. ان کانسواءِ سيلرا لانڊر بہ ٻانھن ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا. هنن کي ڪانڍڙيا بہ سڏيو وڃي ٿو.