ڪانڪھه
ڪانڪھه (وڻ): ڪانڪھه جو وڻ ٿر ۾ گهڻو ٿيندو هو، پر هاڻي ختم ٿيندڙ وڻن ۾ شامل آهي. ڪانڪھه جي وڻ کي ونگو بہ سڏيو ويندو آهي. ڪانڪھه جي ڪاٺي فرنيچر وغيرہ جي ڪم نہ ايندي آهي، البت هن جي ڪاٺيءَ مان ڪجهہ ساز ٺاهيا ويندا آهن. ڦڳڻ جي رُت ۾ ڪانڪھه جا ڳاڙها گل ٿر کي خوبصورت بڻائيندا آهن.