ڪانڪھه ڀٽ: هيءَ ڀٽ ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڳوٺ رانجهي خان نون جي تڙ کان ڏکڻ طرف آهي، هن ڀٽ تي ڪانڪھه جا وڻ گهڻا هوندا هئا. تنھن ڪري هن ڀٽ تي نالو ئي ڪانڪھه ڀٽ پئجي ويو. ٿر ۾ ’ڪانڪھه وارو لڪ‘ بہ هن علائقي ۾ آهي. ڪانڪھه جي وڻ ۾ ڳاڙها ڦل ٿيندا آهن، جيڪي پکي شوق سان کائيندا آهن. شيخ اياز پنھنجي شاعريءَ کي ڪانڪھه واري لڪ سان ڀيٽيو آهي.
هيءَ منھنجي شاعري، ڪانڪھه وارو لڪ،
جنھن ۾ ڪوئي، ٿڪ، مُور نہ ڏسندؤ مارئو!