ڪانگڙي کاري (Kangri Creek) (نار): هيءَ کاري ڇوڙ واري علائقي جي ڳوٺن: حاجي گل محمد جت، آچر جت ۽ رمون جت ۾ موجود آهي. هيءَ کاري سامونڊي سطح کان 3 فوٽ مٿي آهي. ڪوبر ڍوري جو وهڪرو هتان کان ڏيڍ ميل ڏکڻ ۾، ڄام کاري 2 ڪلوميٽر اتر اولھه ۾، اوچتو درياھہ 3 ڪلوميٽر ڏکڻ اولھه ۾، مزار واري کاري 3 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾، ترڇاڻ کاري 3 ڪلوميٽر ڏکڻ اولھه ۾، حدن وارو کاري 4 ڪلوميٽر اوڀر ۾ ڪدي واري کاري هتان کان 5 ڪلوميٽر اوڀر طرف آهي.