ڪانگ تڙو

ڪانگ تڙو (ڌنڌو): ڪانگ تڙي جي معنيٰ ڪانگ تڙيندڙ يعني پکي هڪليندڙ آهي. ڪانگ تڙي جو تعلق زراعت سان آهي. جڏهن فصل پچي راس ٿيندو آهي، تڏهن لُڻي، چونڊي هڪ ميدان تي جدا جدا ڍير ڪندا آهن. سار سنڀال خاطر گهڻا هاري پنھنجو فصل هڪ ئي ميدان ۾ رکندا، جنھن کي ’کرو‘ سڏيو ويندو آهي. کِري جي سنڀال لاءِ انهن سڀني هارين جو فصل کري ۾ رکيل هوندو، تن مان واري واري سان ڪو ماڻهو رهندو، پر گهڻو ڪري سڀني طرفان گڏيل طور هڪ ماڻهو مقرر ڪيو ويندو آهي، جنھن کي ڪَانگ تڙو، سڏجي ٿو. فصل لڻڻ وقت کيس اَنَ جي صورت ۾ معاوضو ڏنو ويندو آهي. ڪانگ تڙو رات ڏينھن کري تي رهي، اناج جي رکوالي ڪندو آهي. اڪثر کرن تي فصل کڻڻ کا نپوءِ ٿوري گهڻي پکڙيل ان جي ڪُنڍي ڪئي ويندي آهي، جيڪا بہ ڪانگ تڙو کڻي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو