
ڪانگ/ڪانءُ
ڪانگ/ڪانءُ: هيءُ پکي سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۽ ننڍي کنڊ ايشيا ۾ عام جام ڏسڻ ۾ ايندو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن پکي کي ’ڪانگل‘، ’ڪانگڙو‘ ۽ ’ڪانگ‘ بہ چوندا آهن. سنڌ ۾ ڪانگن کي پيغام آڻيندڙ طور بہ سڃاتو وڃي ٿو. انگريزيءَ ۾ هن پکيءَ کي ‘House Crow’، ‘Sind House Crow’، ‘Robberts of Pakistan’ يا ‘Indian House Crow’ ۽ سائنسي زبان ۾ ‘Corvus splendens’ سڏيو ويندو آهي. هن پکي جو تعلق ‘Corvidae’ خاندان سان آهي. ڪانءُ/ ڪانگ، جسامت ۾ 43 کان 45 سينٽي ميٽر ڊگهو، پرن جي ڊيگهہ 25.5 کان 29 سينٽي ميٽر، پڇ جي ڊيگهہ 17 سينٽي ميٽر جي لڳ ڀڳ، چھنب 51 کان 56 ملي ميٽر ۽ وزن ۾ 266 کان 280 گرام تائين هوندو آهي. هن پکي جو مجموعي رنگ ڪارو ٿئي ٿو، جنھن ۾ مٿو، ڳچي ۽ ڪلنگو چمڪندڙ تيز ڪاري رنگ جو ٿئي ٿو. جڏهن تہ ڳچيءَ جو هيٺيون ۽ پويون حصو (ڪلنگي کان هيٺ) سرمائي رنگ جو ۽ پٺيءَ وارو سڄو حصو، پڇ تائين تيز ڪاري رنگ جو ٿيندو آهي. پڇ ٿورو ڊگهو ۽ هيٺ جهڪيل هوندو آهي. ڇاتي جو هيٺانھون ۽ پيٽ وارو حصو هلڪي سرمائي کان گهري سرمائي رنگ جو ٿئي ٿو. ران جو حصو نمايان ۽ معمولي ماس وارو ٿيندو آهي، جڏهن تہ چنبو ۽ ان کان مٿيون ڄنگهن جو حصو سنھو ۽ مڪمل ڪاري رنگ جو ٿئي ٿو. چھنب ٿلهي، مضبوط، ڊگهي ۽ ڪاري ٿئي ٿي. اکين جي پتلي جو رنگ گهرو ناسي ۽ ناسون ننڍن ننڍن ڪارن وارن سان ڍڪيل هونديون آهن. هن پکيءَ جا نر ۽ ماد ڏسڻ ۾ هڪجهڙا ٿين ٿا. پاڪستان اندر سنڌ ۽ پنجاب ۾ رهڻ پسند ڪندو آهي.عام طور هي پکي ڳوٺن، شھرن، انساني آباديءَ جي گهڻائي وارن علائقن ۽ ميداني علائقن وغيرہ ۾ رهڻ کي ترجيح ڏيندو آهي. هن جو پڇ ڪي قدر ڊگهو هجڻ ڪري سنڌ ۾’ لڪو‘ بہ سڏين. هي پکي داڻا توڙي گوشت وغيرہ کائيندو آهي. اڪثر اڪيلو ڏسبو آهي، پر گروھہ پسند پکي آهي. خطري وقت ’ڪان ڪان‘ ڪري ٻين ڪانگن کي گڏ ڪندو آهي. هي پکي ويڙهاڪ بہ آهن، دشمن کي لامارن ۽ گهٽن سان چنبا هڻي زخمي ڪن ٿا. نسلي واڌ ويجهہ لاءِ آکيرو جوڙيندو آهي. هي پکي جيتوڻيڪ سياڻو ۽ خبردار ٿئي ٿو، تنھن هوندي بہ ڪوئل ان جي آکيري ۾ آنا لاهي ويندي آهي. جيڪي هُو پنھنجا ٻچا سمجهي سنڀاليندو آهي. پنجاب جي گهڻن علائقن ۾ هن پکي جي نسلي واڌ ويجهہ جو عمل مئي جي پڇاڙي يا جون جي ابتدا ۾ شروع ٿيندو آهي ۽ جولاءِ جي آخر تائين هلندو آهي. مادي ڪانءُ چار آنا ڏيندي آهي. آري جي ذميواري صرف ماديءَ تي هوندي آهي، پر ماديءَ جي غير موجودگيءَ ۾ نر پکي مختصر وقت لاءِ آري تي ويھندو آهي. آري جو عرصو 16 کان 17 ڏينھن تي مشتمل هوندو آهي، جڏهن تہ نون ڄايل ٻچن جا کنڀ اچڻ ۾ 22 کان 25 ڏينھن لڳندا آهن. شاھہ عبداللطيف ڀٽائي هن پکي کي قاصد/ پيغام رسائيندڙ طور ڳايو آهي. هن جي پيغام رسائڻ واري خوبيءَ سبب کيس ’کنياتو‘ بہ سڏين ٿا. ڪانءُ تي سنڌيءَ ۾ بيشمار لوڪ گيت لکيل آهن. ڪانءُ سنڌ جي ثقافتي زندگيءَ ۾ هڪ گهر ڀاتيءَ جو درجو رکي ٿو.