
ڪان موتيھار
ڪان موتيھار: فنڪار، موسيقار ڪان موتيھار جو جنم سنڌ جي شھر سکر ۾ ٿيو. هن ’امي يا ممي‘، ’جُوءِ جو چمچو‘ ۽ ’اوکا پنڌ پيار جا‘ جهڙين سنڌي فلمن جي موسيقي ترتيب ڏنِي. ميوزڪ ڊائريڪٽر طور آشا ڀوسلي، انو راڌا پوڊوال، اُشا منگيشڪر ۽ مھندر ڪپور سان بہ گڏ ڪم ڪيائين. کيس ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا. ھن اسٽيج تي بئلي بہ پيش ڪيا ۽ ڪيترن فنڪارن کي موسيقيءَ جي تربيت ڏني. سندس ڀاءُ ڏيون موتيھار بہ ڳائيندو ھو، ھو آمريڪا ۾ رھندو ھو ۽ هن ھالي ووڊ جي ھڪ فلم جي موسيقي ترتيب ڏني. دھلي سنڌي اڪيڊمي جو ميمبر بہ رھيو. ڪان موتيھار 1995ع ۾ لاڏاڻو ڪيو.