ڪاهوءَ جو دڙو

ڪاهوءَ جو دڙو (ماڳ): هي ٻوڌي ماڳ ميرپور خاص کان اڌ ميل اتر ۾ هڪ وهاري (Stupa) جي صورت ۾ آهي. 19هين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري جان جيڪب ۽ مسٽر جيمس گبس هن ماڳ جي پڙتال ڪئي ۽ ان کانپوءِ اهم ڪم هنري ڪزنس 1910ع ۾ ڪيو. جنھن هن ماڳ جي کوٽائي ڪئي. جيمس گبس لکيو آهي: ”27 جنوري 1869ع تي ميرپور خاص کان ڏيڍ ميل اتر_اولھه طرف اسان سرن جو ٺلھه ڏٺو، جو تباھہ حالت ۾ هو ۽ ڇھن فوٽن جو گول ٽڪرو وڃي بچيو هو“. گبس کي هڪ ٿانءُ ۾ رکيل ڪجهہ مڻڪا، هڪ ڇوڏو ۽ سائي رنگ جو پٿر بہ مليو هو. 1909ع ۾ مشھور آرڪيالاجسٽ هنري ڪزنس هن کي دڙي جي صورت ۾ ڏٺو. هن صاحب زمين جي سنوت کان، وچ ڏکڻ ۽ اوڀر پاسي جي وچ تائين کوٽائي شروع ڪرائي تہ دڙي جي ڏهن فوٽن جي اونھائي تي ڪچين سرن جي ٺوس اوساريءَ ظاهر ٿي. ٿورو هيٺ تي کوٽائي ڪرڻ سان پڪين سرن جي اوساري جي ڪناري مٿان اسٽوپا جو ٺلھه اڏيل هو. ڪچين سرن جو گول ٺُل جيڪو دڙي جي مٿان بيٺل هو، تنھن جي وچ تي هڪ بي ڊولو ننڍڙو ٿلھو نڪتو. جيڪو ٺلھہ جي بنيادن جي چوڌاري ڏنل هو. اتان گوتم ٻُڌ جي مورتي لڌي، جنھن جو مٿو هيٺ ڪري پيو. ڀت ۾ هڪ جارو هو، جنھن ۾ ٻڌ جي مورتي رکيل هئي. انهيءَ ڀت کي کولڻ سان ٻيو جارو ۽ محراب بہ مليو. هي چورس وهاري جي پيڙھہ جو ڏکڻ وارو پاسو هو. آرڪيالاجسٽ هينري ڪزنس کي کوٽائيءَ دوران ان ٺلھہ جون ٽن پاسن جون هڪ جهڙيون ڀتيون مليون. هر هڪ ڀت کي پيل پاوا ڏئي پنجن حصن ۾ ورهايو ويو هو. پيل پاوا گولي گهاٽ بنان نيلاسرن (Roll-Marded Plinth) تي بيٺل هئا، جيڪي ان تعمير جي چوڌاري ڦري اولھه واري ڀت جي وچين خاني ۾ ختم ٿِي ٿي ويا. هر هڪ ڀت جي جاري ۾ ٻڌ جي مورتي ويٺل حالت ۾ رکيل هئي. هر هڪ ڪنڊ وٽ جارو هو، جيڪو جافري (Blind Lattice) سان بند ٿيل هو ۽ ان تي گل ٻوٽا چٽيل هئا. چئني طرفن جي پڪين ڀتين کي ظاهر ڪرڻ لاءِ اوساريءَ کان هيٺ کوٽائي ڪئي وئي. ڀت ۾ استعمال ٿيل سرون ڳريون، وڏيون ۽ وزني هيون. جي اولھه پاسي واري پيڙھہ ٻين ٽنھي پاسن واري پيڙهن کان مختلف هئي. هي گهڻو ڪري ٺلھه جي مھاڙي هئي. ان پاسي ڏيڍيءَ وانگر ڪٽھڙو ڏنو ويو هو، جتي ٽي سوڙهيون ڪوٺيون ٺھيل هيون. عام راءِ اها آهي تہ سنڌ ۾ ونگ جو استعمال مسلمانن جي اچڻ کانپوءِ شروع ٿيل آهي. هتي ونگ ٻڌڻ جو صحيح نمونو بہ کين نظر آيو. ٺلھہ جي اولاهين ڀت جي ٻنھي پاسن تي مھاڙين ۾ وڏا طاق ٺھيل هئا. جن جي ٻن پاون سان مليل طاقن جا خانا سلامت مليا، جيڪي اصل چائنٺ جو حصو هئا. انهيءَ جاءِ تي آرائشي سرون بہ ڪتب آنديون ويون هيون. هڪ سِر تي هڪ عورت پاڻيءَ جو ٿانو مٿي تي کنيو بيٺل ڏيکاري وئي هئي. ڪوٺين ۽ طاقن جي وچ تي مھاتما ٻڌ کي ويٺل ڏيکاريو ويو آهي.
هتان سُکان لاءِ آندل مٽيءَ جون ٽڪيون ڪافي انداز ۾ مليون. منجهن ٽامي جا 36 سڪا بہ پيل هئا. کوھہ جيڪو مجمدار اسٽوپا جي وچ ۾ کوٽيو هو، سو دڙي کان 25 فوٽ هيٺ تائين هو. اتي هيٺ چئن فوٽن جي پڪ سري جاءِ ملي هئي. هن ننڍڙي ڪوٺيءَ جي فرش هيٺ 15 انچ چورس هڪ خانو مليو. ان خاني ۾ ٻہ گول کھرا ۽ لسا پٿر رکيل هئا. جان مارشل انھن کي ٽين يا چوٿين ق.م جا پٿر ڪوٺي ٿو. ڪاٺياواڙ جي بوريا واري ٺلھه مان بہ تبرڪ رکڻ لاءِ ساڳئي نموني جا پٿر ساڳي انداز ۾ مليا آهن. هيٺين خال ۾ هڪ بلور جي شيشي ملي هئي. انهيءَ جاءِ تان مرجان ۽ بلور جا مڻيا مليا. ٻہ مڻيا هيري وانگر پئي لڳا، موتين جي داڻن ۾ تمام سنھا سوراخ نڪتل هئا، چار مڻيا سون جا، جن مان ٻہ چپٿرا ۽ ٻہ گدري/ ڇانھين جي شڪل جا هئا. هڪ سوني منڊي، ڏھہ ٽامي جا سڪا، ننڍڙن ڪوئلن جا ڪجهہ ٽوٽا، ڪڻڪ جا ڪجهہ داڻا، ڪجهہ سڃائپ ۾ نہ اچڻ جھڙا مڻيا ۽ پٿرن جون ڇلون هيون، بلور جي ان شيشيءَ کي چانديءَ جي ٻجي ڏنل هئي. ان شيشي جي اندر هڪ چانديءَ جي دٻلي هئي، جنھن جي مٿان ڍڪ هو. دٻليءَ کي چوڌاري سونو پٽ مڙهيل هو. انهيءَ دٻليءَ ۾ وري اندر سون جي دٻلي هئي. ان دٻليءَ ۾ هڪ چمچي جيتري سڙيل هڏي جي خاڪ ڀريل هئي. پڪين سرن جي انهيءَ ننڍي ڪوٺيءَ ۾، خوبصورت ٿانوَ واريءَ سان ڀريل مليا. ان کانسواءِ ٺڪر جا گول چڪرا بہ لڌا. سرون اٿيل چٽ واري يوناني طرز تي سينگاريل هيون. گول چڪرن تي ٺپيل چورس ۽ ‘ڪٻڙي’ ديوتا جو ٺپو لڳل هو. ديوار ۾ لڳل پاون جي تاجن جا ٽڪرا ٻين ٻوڌي ماڳن وانگر هتي بہ ٽڙيا پکڙيا پيا هئا. جيئن اڳ ۾ چيو ويو آهي تہ ڀتين ۾ مھاتما ٻُڌ جي هر هڪ طاق ۾ ٽي مورتيون رکڻ جا نشان هئا، پر جڏهن ڀتيون صفا کولي ظاهر ڪيون ويون تہ اهي تعداد ۾ نون بجاءِ ست هيون، ٻہ گم هيون. هينري ڪزنس کي خبر پئي تہ اهي مورتيون مسٽر ووڊ برن ڪڍرائي ويو هو. اهي سموريون مورتيون ماپ ۾ انساني قد جي اڌ جيتريون ۽ پلٿي هڻي ويٺل هيون. هٿن جون تريون چئن ڪنڊن واري صندليءَ تي هڪٻئي مٿان رکيل هيون. گوتم کي گيان ۾ ڏيکاريو ويو هو، ڪٿي وري ڪنول جي گل تي ويهاريل ڏيکاريو ويو هو. مٽيءَ جون ڪچيون ٽڪيون جيڪي باس طور ڏبيون آهن، ڀنجوءَ جي ڍير مان مليون هيون. انھن ٽڪين کان سواءِ لڌل وٿن ۾ ٽامي جا سڪا، ڪن سڪن مٿان عربي اکر بہ لکيل هئا. اهي اوائلي عرب دور سان واسطو رکن ٿا، جيڪي برهمڻ آباد مان بہ مليا آهن. ٽڪيون ۽ سڪا جنھن حالت ۽ هنڌ تان مليا هئا، لڳي ٿو تہ عربن جي ڪاھہ کان پوءِ بہ هتي پوڄا پاٺ ٿيندي رهي هئي. هنن ٺلهن جو اڏيندڙ اشوڪ اعظم کي سمجهيو وڃي ٿو. ستين صدي عيسويءَ ۾ چيني سياح ستيانگ موجب: ”سنڌ ۾ ست سؤ ٻڌن جا وهارا آهن، جن ۾ ڏھہ هزار شمني رهن ٿا.“ هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو: ”گوتم پنھنجي حياتيءَ ۾ هن ملڪ ۾ عام جام پيو ايندو ويندو هو. ان لاءِ اشوڪ جتي جتي گوتم جي اچڻ جا نشان ٻُڌا، اتي وهارا تعمير ڪرايا. چون ٿا تہ اشوڪا جيڪي پھريان 8 وِهارا ٺھرايا هئا. انھن جي خاڪ کي 84000 نون ٺھندڙ ٺلهن ۾ ورهايو ويو.“ هتان لڌل سرون، ٺلھه مير رڪڻ، برهمڻ آباد ڀرسان ڏيپرگهانگهرو ۽ ٽنڊي محمد خان ڀرسان ٻُڌڪا ٽڪري ۽ سڏيرڻ جي ٺلھه وغيرہ جهڙيون آهن. هينري ڪزنس جو گمان آهي: ”اشوڪا جيڪي اٺ ٺلھه پھريان ٺھرايا هئا، ٿي سگهي ٿو تہ هي انھن مان هڪ هجي.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو