
ڪاوش اخبار
ڪاوش (اخبار): حيدرآباد سنڌ مان نڪرندڙ سنڌي ٻوليءَ جي نامور اخبار روزاني ڪاوش شايع 1990ع ۾ نڪرڻ شروع ٿي. پھرين اخبار
3 آگسٽ 1990ع تي شايع ٿي. هن اخبار جو ايڊيٽر محمد ايوب قاضي ۽ پرنٽر محمد اسماعيل خان هو. هن وقت ڪراچي، اسلام آباد، لاهور، سکر ۽ ٻين ڪيترن ئي شھرن ۾ بيورو آفيسون قائم ڪيون. هن اخبار جو پھريون ايڊيٽر علي قاضي هيو. جڏهن تہ هن وقت اخبار جو ايڊيٽر محمد ايوب قاضي ۽ نيوز ايڊيٽر محمد يعقوب سومرو آهي.