
ڪاٺوڙ
ڪاٺوڙ (شھر): ڪاٺوڙ هڪ قديم علائقو آهي. ڪاٺوڙ ڪراچي ڊويزن جي يونين ڪائونسل گڏاپ، ضلعي ملير ۾ آهي. ڪاٺوڙ ۾ جتي هاڻي ڳوٺ ڪمال جوکيو موجود آهي، اتي پاڪستان جي ٺھڻ تائين ٻٻر ۽ ڪنڊا ۽ انهن جون واڙون هونديون هيون ۽ وڏا وڏا ڪاٺ پيل هوندا هئا، جنھن ڪري هن علائقي جو نالو ڪاٺوڙ پئجي ويو. آهستي آهستي اهي ڪاٺ ۽ ڪاٺن جون اهي واڙون ختم ٿي ويون ۽ ان جڳھہ تي ڪاٺوڙ شھر آباد ٿيو، جيڪو ڪراچي حيدرآباد موٽر وي ايم-9 تي حيدرآباد وڃڻ واري پاسي روڊ لڳ موجود آهي. ڪاٺوڙ ۾ جوکيا، گبول، ڪلمتي، ڪاڇيلا، خاصخيلي، واڍيلا، کوسا، بروهي ۽ ٻيا قبيلا گهڻائي ۾ رهن ٿا. مشھور علائقو کڏيجي بہ ڪاٺوڙ ۾ اچي ٿو. ڪاٺوڙ جو علائقو اولھه پاسي سپرهاءِ وي کان ويندي لنگهيجي نئن تائين، اوڀر پاسي مول نئن ۽ ڏکڻ پاسي ملير نئن تائين پکڙيل آهي. هن علائقي ۾ اڄڪلھہ ڳچ ايراضي تي بحريا ٽائون جو قبضو آهي. تاريخي مقام گوربان چوڪنڊي نما قبرن جو هڪ مقام آهي. هتي ڪمال خان جوکيي جي نالي سان گورنمينٽ سيڪنڊري اسڪول موجود آهي. جڏهن تہ هاڻي گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج پڻ قائم ڪيو ويو آهي.