ڪاٺيا ڪاٺي

ڪاٺيا/ڪاٺي: وچ ايشيا جو هڪ آڳاٽو قبيلو، جيڪو هجرت ڪري پھرين سنڌ ۽ پوءِ گجرات جي صوبي سؤراشٽر پھتو. سنڌ ۾ رهندڙ ڪاٺين جو تعلق موهن جي دڙي ۽ لاڙڪاڻي سان رهيو، جن اڳتي وڌي ’سنگهارا‘ شھر آباد ڪيو، جيڪو راوي ۽ چناب جي وچ تي وڏو واپاري مرڪز هو. زماني جي لاهن چاڙهن سبب هن قبيلي جا ڪجهہ ماڻهو پنجاب ۾ رهيا تہ ڪن وري، سنڌ جو رُخ ڪندي اسلام قبول ڪيو. ڪاٺيا/ڪاٺي بنيادي طور شھري ماڻهو هئا، جنھن ڪري اتر سنڌ کان وٺي سانگله هل تائين قلعي بند شھرن ۾ رهندڙ هئا. ڏکڻ سنڌ جي بدين واري علائقي ۾ رهندڙ هي قبيلو پھريون دفعو يارهين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ مان ڪڇ ۾ ۽ ٻيو دفعو پندرهين صدي عيسويءَ ۾ سؤراشٽر ۾ وڃي آباد ٿيو. هيءُ قبيلو جنگجو طور مشھور هو. هن قبيلي جي سنڌ مان لڏي وڃڻ جو سبب اهو ٻڌايو وڃي ٿو تہ سنڌ جي راجا جي درٻار ۾ هڪ رقاصہ هوندي هئي، جنھن هڪ ڏينھن ڀريل دربار ۾ راجا جي بي عزتي ڪئي. راجا انهيءَ تي ناراض ٿي کيس پنھنجي ملڪ مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو. پر ڪاٺي قبيلي وارن هن کي پناھہ ڏني. راجا اِن ڳالھہ تي سخت ناراض ٿيو ۽ رقاصہ سان گڏ ڪاٺي قبيلي وارن کي پڻ ڏيھه نيڪالي ڏنائين. سنڌ مان نڪرڻ کان پوءِ هي قبيلو ڪڇ ۾ وڃي آباد ٿيو. پر اُتان هو سؤراشٽر ۾ وڃي رهيو. هتي مرهٽن سان هنن جا سخت مقابلا ٿيا، انهيءَ ڪري مرهٽن انهيءَ علائقي کي، جتي هو آباد ٿيا، ’ڪاٺياواڙ‘ جو نالو ڏنو، جڏهن هي ڪاٺياواڙ مان ٻاهر وڃي آباد ٿيا تہ اوتي ڪاٺياواڙي سڏجڻ لڳا. هڪ ٻي روايت موجب: ’راجا ڪاٺ جو اولاد پاڻ کي ڪاٺي راجپوت سڏائي ٿو ۽ سومناٿ جو مندر پڻ ڪاٺي راجپوتن جو تعمير ڪرايل آهي.‘
1947ع ۾ پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ اِهي ڪاٺيا واڙي لڏي سنڌ ۾ آيا. هي راجا ڪرن جو اولاد آهن. ڪي هنن کي پنهور راجپوت جي شاخ ڄاڻائن ٿا. اصل ۾ هي موهن جي دڙي جا قديم سنڌي آهن. هي ڪاٺياواڙي ميمڻ بہ سڏائن ٿا. سندن پاڙا ميمڻن ۾ لکيل آهن. ٽاڊ لکيو آهي تہ: هنن جي دعويٰ آهي تہ ’بلايا بهپا‘ اسان جي وڏن جي اولاد مان هو ۽ هو راما جو اولاد آهن ۽ اصل ۾ سنڌ جا رهواسي هئا، تنھن ڪري سنڌي آهن. ايس صادق علي ’ڪاٺين‘ کي سمن جو هڪ پاڙو ڄاڻايو آهي. قمبر-شھدادڪوٽ جي وارھہ تعلقي ۾، ڪاٺيا بازار نالي ڳوٺ آهي. خالص سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ هن ذات وارا هتي ڪافي تعداد ۾ رهندا آهن، پر انھن جو مھاجر ڪاٺياواڙن سان ڪو بہ تعلق ڪونهي. هو قديمي طور اتي آباد آهن ۽ سنڌي ڳالهائيندا آهن. هن ذات وارا يعني سنڌي ڪاٺيا لاڙڪاڻي، شھيد بينظير آباد ۽ ڄام شوري ۾ ڪثرت سان آباد آهن. ان کان سواءِ سيوهڻ ۽ ڀان شھر جي وچ تي، دادو روڊ سان، پارڪو ڀرسان هڪ قديم ڳوٺ جو نالو ’ڪاٺيا‘ آهي. ڪاٺياواڙي ڪاٺيا، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رهن ٿا. ان کان علاوه، پنجاب ۾ ملتان، ساهيوال، جهنگ ۽ ٻين علائقن ۾ رهن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو