ڪاٺ ٻانڀڻ (ذات): هي هندو فقيرن جي هڪ ذات جو نالو آهي، جيڪي برهم کتري آهن. مسلمانن ۾ پڻ ’ڪاٺ ٻانڀڻ‘ آهن. مسلمان ڪاٺ ٻانڀڻ ذات مان ڪتاب ’بيان العارفين في تنبيھه الغافلين‘ جو فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪندڙ عبدالرحمٰن بن محمد ملوڪ ڪاٺ ٻانڀڻ هو، جيڪو هڪ نالي وارو شخص ٿي گذريو آهي. مشھور آهي تہ هي ذات جو ڪاٺ ٻانڀڻ ’سومرو‘ هو، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته، سومرن ۾ بہ ڪاٺ ٻانڀڻ ’پاڙو‘ آهي.