ڪاٺ ڪٽو

ڪاٺ ڪٽو

ڪاٺ ڪٽو

ڪاٺ ڪٽو: هي پکي وڻن جي ٿڙن کي پنھنجي چھنب سان ڪٽي/ٽُڪي سوراخ ٺاهيندو آهي. تنھن ڪري ان پکيءَ جو نالو ڪاٺ ڪٽو رکيو ويو آهي. هن پکيءَ کي ستاڙيو بہ چوندا آهن. هن پکيءَ جو تعلق Picidae خاندان سان آهي. اردوءَ ۾ هي پکي ڪٺ ڦوڙو ۽ انگريزي ۾ Woodpecker جي نالي سان سڏجي ٿو. هي پکي جسامت ۾ ڳيري يا ڪانءُ جيترو قدبت رکي ٿو. هي پکي مختلف رنگن جو ٿئي ٿو مگر هن جو مٿو اڪثر ڳاڙهي رنگ جو ٿيندو آهي. ڪنڌ ۽ جسم جو هيٺيون ڀاڱو اڇو يا اڇسرو پر پٺيءَ وارو ڀاڱو ڪارسرو يا گهرو نيرو ٿيندو آهي. هن پکيءَ جي چھنب ڪنھن لوھہ جي ڪھاڙيءَ جيتري مضبوط ٿئي ٿي. پنھنجي تيز چھنب سان هي وڻ جي سخت ڪاٺ ۾ بہ تڪڙو سوراخ ٺاهي وٺندو آهي. ڪنھن بہ ڪاٺ ۾ سندس کاڌي وغيرہ لاءِ ڪو بہ جيت وغيرہ سُجهيس تہ دير ئي نہ ڪندو آهي. ٽڪڻ جي عمل دوران اندازي موجب هڪ کان ٻي ضرب جي وچ ۾ 5 کان 10 ملي سيڪنڊ جو وقت لڳندو آهي، ايڏي تيزي ۽ ڦڙتيءَ سان ڪاٺ ٽڪڻ باوجود سندس مٿي يا دماغ کي ڪو نقصان نٿو پھچي. ڇو تہ ان جي مٿي جي بناوٽ ۾ ان جي زبان/ڄڀ، چھنب جي مٿئين حصي کان شروع ٿيندي ان جي دماغ کي محفوظ بڻائيندي، گولائيءَ ۾ ڦري واپس چھنب سان وڃي ملي ٿي. زبان جي اها بناوٽ هن جي دماغ کي جهٽڪي کان محفوظ رکي ٿي. ان جي زبان جي بناوٽ لچڪدار ۽ ڪنڊيدار ٿئي ٿي، جنھن جي مدد سان هي وڻن جي ٿڙن مان ڪيڙن کي کوٽي کائيندو آهي. هي پکي وڻن ۾ آکيرو ٺاهڻ بعد نسلي واڌ ويجهہ لاءِ صرف هڪ ڀيرو استعمال ڪري، پوءِ اهو آکيرو ڇڏي ڏيندو آهي. نر ۽ مادي ٻئي گڏجي آکيرو ٺاهيندا آهن، سندن آکيري کي بناوٽ جي لحاظ کان محفوظ ترين آکيرو سمجهيو وڃي ٿو. مادہ هڪ وقت ۾ چار آنا لاهيندي آهي، آنن مان ٻچا ڦٽڻ ۽ پھرين اڏام ڀرڻ تائين اهي ٻچا هڪ کان ڏيڍ مھينو آکيري ۾ رهندا آهن.
سڄي دنيا ۾ هن جا مختلف قسم ملن ٿا. عام طور پکين جي پيرن جون ٽي آڱريون اڳيان ۽ هڪ پويان ٿيندي آهي پر ڪاٺ ڪٽي جي پيرن جون ٻہ آڱريون اڳيان ۽ ٻہ پويان ٿينديون آهن، جيڪي ان کي ڪاٺ ٽڪڻ مھل توازن برقرار رکڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. ساڳيءَ ريت ان جو پڇ بہ مضبوط کنڀن جو ٺھيل هوندو آهي، جيڪو ان کي وڻ تي اڀو بيھڻ لاءِ سھارو ڏيندو آهي. ڪاٺ ڪٽي جي هڪ ننڍي جنس جو خاص ڪم وڻن ۾ ننڍا وڏا سوراخ ڪري سياري لاءِ غذا محفوظ ڪرڻ آهي. هن پکيءَ جي هڪ خوبي اها بہ آهي تہ هي، وڻن کي نقصان رسائيندڙ جيتن کي کوٽي کائيندو آهي، تنھنڪري ان کي ماحول دوست پکيءَ طور شمار ڪيو ويندو آهي.


لفظ ڪاٺ ڪٽوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو