ڪاپائتي (شاھہ جو سـُر): شاھہ لطيف جي ڪلام جو هڪ سُر ’ڪاپائتي‘ آهي، هن لفظ جي معنيٰ آهي: ’ڪتڻ واري‘ يا ’ڪاتار‘. سنڌ ۾ ڪپھه ٽاڻڻ، پڃڻ، تُنبڻ، ڪَتڻ ۽ اوبڻ جي ڪرت جي گهڻي رهي آهي، هي سُر سڀ کان وڏي هنرمندي يعني نفيس ڪپڙن جي اوڄ ۽ اُڻت جو آثا آهي. هن سُر ۾ خاص طرح آتڻ ۽ ڪتڻ جا اهڃاڻ شامل آهن.
سـُر ڪاپائتيءَ ۾ آتڻ ڪتڻ ۽ اُڻڻ واري ڪِرت جو نقشو چٽيل آهي. شاھہ لطيف زندگيءَ ۾ پورهيي جي اهميت ۽ صداقت وارو دائمي قدر، سـُر ڪاپائتيءَ ۾ اجاڳر ڪيو آهي.
هن سـُر ۾ سنڌ جي ثقافت ۽ قديم هنر سان گڏ بندرن، بازارن ۽ خاص ڪري وونئڻن جي پوک ۽ ان جي واپار لاءِ ڏيساور وڃڻ ۽ سنڌ جي سکئي سُتابي زراعتي نظام جي اوج جو ذڪر بہ ملي ٿو.
هن سُر جو مرڪزي نُڪتو پورهيي سان پيار آهي، جنھن ۾ شاھہ لطيف هنرمند پورهيتن، سنڌ ۾ تيار ٿيندڙ نفيس ڪپڙي جي تند ۽ ان جي اهميت جو ذڪر ڪيو آهي. هن سر ۾ هڪ پاسي عورت کي پورهئي ۽ هنر جي آزادي حاصل ڪرڻ ۽ ٻئي پاسي کيس پنھنجي ڪٽنب ۽ ڪانڌ سان پيار، قرب ۽ وفاداري قائم رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. وقت جي قدر جو شديد احساس، محبت جي عظمت جو پيغام ۽ ڏک ۽ ويرانيءَ جو گهرو احساس بيان ڪيل آهي. رسالي جي ٻين سُرن وانگر، هي سُر پڻ فڪري رمزن جو ڀنڊار آهي. سُر جي باطني معنيٰ موجب، ان ۾ انسان لاءِ سجاڳيءَ جو پيغام ۽ زندگيءَ جي مقصد جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. هن سُر ۾ روحاني منزل ماڻڻ، محنت ۽ مشقت جي تلقين، هٺ ۽ وڏائيءَ کي ختم ڪرڻ، نياز ۽ نوڙت اختيار ڪرڻ ۽ غافل انسان کي ڌونڌاڙي سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
هن سُر جي موسيقيءَ بابت، پير بھاءُ الدين سرهندي لکي ٿو تہ: ”سُر ڪاپائتيءَ ۾ ٻن ٺاٺن، هر هڪ ’ڀيرو ٺاٺ‘ ۽ ’کماچ ٺاٺ‘ جي مڪمل طرح آميزش موجود آهي. ٻنهي ٺاٺن مان ورتل ٻن راڳن يعني ’راڳ تلڪ ڪامود‘، جيڪو ’کماچ ٺاٺ‘ جو راڳ آهي ۽ راڳ ’شومت ڀيرو‘، جيڪو وري ’ڀيرو ٺاٺ‘ آهي، انهن ٻنهي کي ملائي ڳائڻ سان لطيف سائينءَ جي هن سُر ڪاپائتيءَ جي شڪل وجود ۾ اچي ٿي.“