ڪاپٽ ڪوٽيرو (ماڳ): هي ماڳ تعلقي ٿاڻي بولا خان، ضلعي ڄامشوري ۾ دادا ڀائي سيمينٽ فيڪٽري (سپرهاءِ وي) کان 4-5 ڪلو ميٽر اتر ۾ موجود آهي، جتي ٻہ ڪوٽيرا آهن. ڪاپٽ ڪوٽيرو 50x50 ميٽرن جي ماپ جو آهي، جنھن ۾ هڪ ڪمرو آهي. ڪتاب ’سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري‘ ۾ هن ڪوٽيري بابت لکيل آهي: ”ٿاڻي بولا خان کان ڪراچي ويندي ڌماچ کان ٿورو اڳتي ڪاپٽ پھچبو. هتي پٿر مان ٺھيل ٻن اڏاوتن جا نشان آهن، جيڪي مشھور آرڪيالاجسٽ اين. جي مجمدار (1938ع-1897ع) جي خيال ۾ تاريخ جي وچئين دور سان واسطيدار هندُن جا مندر هئا، هڪ عمارت کي چئني پاسي لنگهہ آهن ۽ چئن چورس ٿنڀن جا نشان پڻ موجود آهن. ان وقت انهن جون ديوارون اٽڪل پنجن فوٽن جيتريون هيون. هتي ڏھہ فوٽ کن ڊيگهہ واريون پٿر جون ڇاڙون (Slabs) پڻ پيل مليون هيون، جيڪي شايد مندر جي ڇت ۾ استعمال ٿيل هيون. هن اڏاوت بابت مسٽر ڪارٽر، مسٽر ميسن، ڪيپٽن پريڊي پنھنجا پنھنجا رايا ڏنا آهن. مسٽر ڪزنس ۽ مسٽر ليمبرڪ بہ هن ماڳ جو ذڪر ڪيو آهي.“ ان کانسواءِ هن ڪوٽيري جي ڀرسان هڪ ٻيو ماڳ ڏکڻ اولھه ۾ آهي. اتر ڏکڻ رخ ۾ ٺھيل هن ڪوٽيري جي ڊيگهہ ويڪر 55x14 ميٽر آهي ۽ ديوارن جي ٿولھه 1.30 ۽ 1.50 ميٽر ۽ اوچائي ميٽر کن آهي. ڪوٽيرو چئن برابر ڪمرن ۾ ورهايل آهي ۽ دروازا اوڀر رخ ۾ آهن.