ڪاڇو فقير: ڪاڇي فقير جو اصل نالو مخدوم ميان حبيب ﷲ مھيسر هو، جيڪو پنجاب جي علائقي ڊيره غازي خان جي هڪ مشھور شھر ’ميت پور‘ جو رهواسي هو. سندس جنم 1081ھہ بمطابق 1670ع ۾ ٿيو. زندگيءَ جو پويون حصو سنڌ جي علائقي ’ڪاڇي‘ ۾ گذاريائين، جنھن ڪري کيس ’ڪاڇو فقير‘ ڪوٺيو وڃي ٿو.
ڪاڇو فقير (1670ع کان 1718ع) پنھنجي ڦُوھہ جوانيءَ واري عمر ۾ علم جي حصول ۾ مشغول رهندي، مختلف علائقن مان ٿيندو ڪاڇي ۾ آيو. ان وقت سنڌ تي مغلن جو قبضو هو. مغل حڪمرانن جي ڏاڍ ۽ ڦرلٽ خلاف ۽ وطن جي آزاديءَ لاءِ ميان آدم شاھہ ڪلهوڙي جي ميان وال تحريڪ شروع ٿي ۽ ڪاڇو فقير ان تحريڪ ۾ شامل ٿيو. هڪ روايت موجب ميان دين محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ جڏهن دهليءَ جي شھنشاھہ اورنگزيب جو پٽ شھزادو معزالدين پنھنجو جنگي لشڪر وٺي، ميان دين محمد سان جنگ ڪرڻ آيو هو تہ نئن گاج جي ڀرسان کور وٽ جنگ لڳي، جنھن ۾ ڪاڇو فقير پڻ بھادريءَ سان وڙهيو.
’ڪاڇو فقير‘ کي سماع ۽ راڳ رنگ سان گهري دلچسپي هئي. هو حڪمت ۾ بہ سٺي ڄاڻ رکندو هو، سندس ڪيترا ئي عقيدتمند ۽ مريد هئا. ’ڪاڇي فقير‘ 23 محرم 1130ھہ/1718ع تي وفات ڪئي. ڪاڇي فقير کي ٽن پُٽن جو اولاد هو، جن مان ننڍي پُٽ مخدوم عبدالله مھيسر ڳوٺ رهڙي شريف (ميھڙ) ۾ هڪ خانقاھہ قائم ڪئي، جيڪا اڳتي هلي علم/ادب جو مرڪز بڻي.