
ڪاڇڙي ڍنڍ
ڪاڇڙي ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ قنبر ضلعي جي تعلقي وارھہ ۾ واقع آهي. ڍنڍ تي ڪاڇڙي نالي جي حوالي سان چيو وڃي ٿو تہ سما راڄ ۾ ڪڇڙ ذات سان واسطو رکندڙ قبيلو هن ڍنڍ جي آسپاس رهندو هو، جيڪي وقت سان گڏ پاڻ کي ڪڇي بہ سڏائيندا هئا يا سڏجڻ ۾ آيا. جنھن ڪري هن تي ڪاڇڙي نالو پيو. هيءَ ڍنڍ سما دور ۾ پري پري تائين ڦھليل هئي ۽ اولھه ۾ هن جون حدون هالار جبل (کيرٿر جبل) تائين پکڙيل هيون. جيڪا بچاءُ بند (flood protective bund) سان لڳو لڳ بڊام ڍنڍ، ساروح ڍنڍ ۽ حمل ڍنڍ جي سلسلي سان جڙيل آهي. ’حمل ڪاڇڙي‘ وارھہ تعلقي جي هڪ ديھه جو نالو بہ آهي جيڪا حمل تپي ۾ واقع آهي. هن ڍنڍ ۾ مڇي ۽ پکيءَ جو شڪار ڪيو ويندو آهي. هِيءَ ڍنڍ برساتن ۾ جابلو نئن ذريعي ڀربي آهي، نہ تہ ٻارهوئي قنبر- شھدادڪوٽ، ميرو خان ڊرينج اسڪيم ذريعي علائقي جو کارو ۽ گندو پاڻي ڍنڍ ۾ نيڪال ٿيندو رهندو آهي، جنھن سبب هِيءَ ڍنڍ ماحولياتي گدلاڻ جو شڪار رهي ٿي. ڪاڇي جي هن ڍنڍ جي تباهي تڏهن شروع ٿي، جڏهن واپڊا کاتي واپڊا اسڪارپ جي نالي سان هڪ منصوبو جوڙي صوبي اندر سم تي ضابطو آڻڻ لاءِ سم ناليون ڪڍيون. انهن ذريعي شھداد ڪوٽ، وارھہ، ميرو خان، قنبر ۽ لاڙڪاڻي جو سم وارو گندو ۽ زهريلو پاڻي حمل ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪرايو، جنھن سان نہ صرف ڪاڇڙي ڍنڍ بدترين ماحولياتي گدلاڻ جو شڪار ٿي پر ان سان گڏ منڇر ڍنڍ تائين سموريون ڍنڍون جن ۾ بڊام، ساروح، حمل ۽ منڇر پڻ زهريليون ٿي ويون، جنھن ڪري مھاڻن جي هزارن جي تعداد ۾ ڍنڍن تان لڏ پلاڻ ٿي. انگريز راڄ ۾ سن 1934ع ۾ ڇنڊڻ واھہ ڪڍي ڪاڇڙي ڍنڍ جي آخري ڇيڙي کان 5 دروازا لڳايا ويا هئا، انھن دروازن ذريعي ٻوڏ جو پاڻي ڇنڊڻ ۾ پوندو آهي ۽ ٻوڏ جي زماني ۾ جڏهن دروازن کان پاڻي ڇنڊڻ ۾ وهندو آهي تہ هتي جو منظر ڏسڻ وٽان هوندو آهي. ڪاڇڙي ڍنڍ هن وقت سرڪاري انتظام ۽ سنڀال هيٺ آهي.