ڪاڙهو

ڪاڙهو

ڪاڙهو

ڪاڙهو: سنڌ سميت دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ مختلف بيمارين جي علاج لاءِ، مختلف جڙي ٻُوٽين کي پاڻي ۾ جوش ڏياري ڪاڙهو تيار ڪيو ويندو آهي. جيئن گَلي جي تڪليف ۾ املداس جو ڳر پاڻيءَ ۾ اُٻاري، بادام جو تيل ملائي، ڪاڙهو ٺاهي پياريو ويندو آهي. جِگر جي گرمي ۽ سائيءَ جي بيماري ۾ املداس جو ڳر، ڪاسني ۽ پٽ پيرون اُٻاري ڪاڙهو تيار ڪري پياريو ويندو آهي. ڄم جي سولائي لاءِ عورت کي املداس جي ڦريءَ جي کل، جرڦل ۽ زعفران پاڻي ۾ اُٻاري ڪاڙهو ٺاهي پياريو ويندو آهي. ڪالرا، اُڃ گهڻي لڳڻ، دست ۽ اُلٽي جي علاج لاءِ ڦودنو، وڏو ڦوٽو ۽ منقيٰ جو ڪاڙهو ٺاهي پياربو آهي. اهڙي طرح ڪيترين بيمارين جي علاج لاءِ مختلف شين جو ڪاڙهو پياريو ويندو ويندو آهي.


لفظ ڪاڙهوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو