ڪاڪاهو ڍنڍ: ڪاڪاهو ڍنڍ کپري شھر کان 25 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڀٽن ۾، ضلعي سانگهڙ جي اهم، مشھور ۽ خوبصورت ڍنڍن مان هڪ آهي، هِن ڍنڍ جا خوبصورت منظر هزارين ماڻهن کي هر سال پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺي اچن ٿا. هيءَ ڍنڍ مکيءَ جي ڍنڍن ۾ نمايان حيثيت رکندڙ آهي. سياري جي مند ۾ هتي مختلف قسم جا هزارين لاڏائو پکي ايندا آهن. ڪاڪاهو ڍنڍ تي ايندڙ پکين ۾ کيڻاٺي، نيرڳي ۽ آڙي وڏي تعداد ۾ آهن. مٺي پاڻيءَ جي هن ڍنڍ جو دارومدار برسات تي آهي.