ڪاڪيپوٽا (ذات): ڄام لاکو بن لاکيار ذات جو سمون هو، جنھن کي ٽي پٽ جکرو، ڪاڪو ۽ جيئندا هئا. ڪاڪو رياست ’ڪاڪ‘ جو حاڪم هو، هن جي اولاد کي ’ڪاڪيپوٽا‘ چون ٿا. هي سنڌ ۽ ڪڇ جا ڄاموٽ ۽ سما آهن. هن وقت سنڌ جا ڪجهہ اوڍا پڻ پاڻ کي ’ڪاڪيپوٽا‘ سڏائين ٿا. سپڙ سمن، اوٺن، ابڙن ۽ ملاحن جي هڪ پاڙي جو نالو پڻ ’ڪاڪيپوٽا‘ آهي، جيڪي پاڻ کي هڪ ذات طور تسليم ڪرائين ٿا. ڪاڪيپوٽا ذات جا خاص پاڙا: (1) پنھاڻي، (2) چنگلاڻي، (3) خاناڻي، (4) دڦڙ ۽ (5) سھارڻ آهن.